اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير شازيا عطا مري اعلان ڪيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مستحق خاندانن کي پٽ جي پيدائش تي 2 هزار رپيا جڏهن ته نياڻي جي پيدائش تي 2500 رپيا وڌيڪ ڏنا ويندا، پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سڄي ملڪ جي 9 لک متاثر خاندانن کي اهم مالي مدد ڏيڻ لاءِ تيار آهي، هن چيو ته ته بي آءِ ايس پي تحت هلندڙ منصوبن جي بجيٽ ۾ ڪافي اضافو ٿيندو، مقصد عوام کي رليف ڏيڻ آهي، واضح رهي ته وفاقي حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ رقم وڌائڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي.