پٽ جي ضمانت کانپوءِ شاهه رخ جون نيون تصويرون سامهون اچي ويون

0
333
شاهه رخ جون نيون تصويرون
پٽ جي ضمانت کانپوءِ شاهه رخ جون نيون تصويرون سامهون اچي ويون

ممبئي: منشيات ڪيس ۾ پٽ آريان خان جي ضمانت منظور ٿيڻ بعد بالي ووڊ جي ڪنگ شاهه رخ خان جون وڪيلن جي ٽيم سان گڏ نيون تصويرون سامهون اچي ويون آهن

ممبئي هاءِ ڪورٽ منشيات ڪيس ۾ گرفتار آريان خان سميت ٽن جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. ضمانت منظور ٿيڻ بعد آريان خان جي هڪ ٻن ڏينهن اندر ممبئي جي سينٽرل جيل مان آزاد ٿيڻ جا امڪان آهن

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽس موجب آريان جي ضمانت منظور ٿيڻ بعد سندس وڪيلن جي ٽيم شاهه رخ خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات جون تصويرون ڀارتي ميڊيا جاري ڪيون آهن ۽ انهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته شاهه رخ خان خوش نظر اچي رهيو آهي

شاهه رخ خان جون وڪيلن سان نڪتل اهي تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن. نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو 2 آڪٽوبر تي ممبئي جي ساحل ويجهو هڪ ڪروز شپ تي ڇاپو هڻي منشيات استعمال ڪرڻ جي الزام هيٺ آريان خان ۽ ٻين کي گرفتار ڪيو هو