ڪولمبيا (انٽرسٽنگ نيوز) ڪولمبيا ۾ اينٽي نارڪوٽڪس پوليس پٽاٽن ۾ ڀري کڻي ويندڙ 13 هزار هيروئن هٿ ڪري ورتي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب ڪولمبيا ۾ اسمگلرز پٽاٽن ۽ فروزن چپس ۾ هيروئن لڪائي رکي هئي، اينٽي نارڪوٽڪس پوليس هڪ وڊيو به جاري ڪئي آهي جنهن ۾ پوليس اهلڪار آلو ڪٽي هن مان هيروئن ڪڍي رهيا آهن. پوليس موجب فروزن چپس جي پيڪيٽس تي ايڪسپائري ڊيٽ نه هئي جنهن تي اسان کي شڪ ٿيو. ان کانپوءِ 50 ماڻهن ۽ منشيات سنگهڻ وارن ڪتن جي ٽيم ملي ڪري 13 هزار ڪلو گرام هيروئن هٿ ڪئي. ڪولمبين اينٽي نارڪوٽڪس پوليس جو چيوڻ آهي ته اهو اسمگلنگ جو انوکو طريقو آهي جيڪو هنن پنهنجي ڪيريئر ۾ ڏٺو آهي، ڄاڻايل شپمنٽ موڪليندڙ جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.