پشاور (رپورٽ: ملڪ قيصر) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پي ڊي ايم کي مونجهاري جو شڪار قرار ڏيندي چيو آهي ته پي ڊي ايم مونجهارو جو شڪار آهي، اتحاد ۾ اڄ به پ پ جي پاليسي هلي رهي آهي، بي اعتمادي رٿ اچي ها ته نه عمران خان ۽ نه وري عثمان بوزدار رهن ها. اسان اي اين پي سان گڏجي عوامي مسئلا حل
ڪنداسين. بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پ پ وفد بيگم نسيم ولي خان جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ ولي باغ چارسدا پهتو، جتي پ پ چيئرمين اي اين پي خيبر پختونخواهه جي صدر ايمل ولي خان ۽ لونگين خان سان بيگم نسيم ولي خان جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني به ڪئي. اي اين پي جي مرڪزي قيادت سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ڊي ايم اجلاس ۾ پ پ ۽ اي اين پي موجود نه هيون پر اڄ به اتي پ پ جي پاليسي ئي هلي رهي آهي، هي اڄ به استعيفائون نه پيا ڏين ۽ پارليامينٽ ۾ ٽف ٽائيم ڏيڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، هن چيو ته اسان جمهوريت ۽ آئين تي يقين رکون ٿا، پ پ ۽ اي اين پي پاڻ پي ڊي ايم تان استعيفائون ڏنيون، ٻيهر پي ڊي ايم ۾ وڃڻ جو ناهي سوچيو، اسان پي ڊي ايم ۾ گڏ وقت گذاريو آهي، سٺو نه ٿو لڳي ته هڪٻئي کي گهٽ وڌ ڳالهايون. هن چيو ته پ پ ۽ اي اين پي ٻئي جمهوريت پسند ۽ عوامي جماعتون آهن، ٻئي گڏجي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ڪوشش ڪنديون ۽ اسان جي ڪردار کي تاريخ ۾ لکيو ويندو. بلاول ڀٽو پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ پ پ ۽ اي اين پي شرڪت نه ڪئي، پي ڊي ايم اجلاس ۾ نظريو آيو ته پارٽيون مونجهاري جو شڪار آهن پر چاهيان ٿو ته اپوزيشن پارٽيون گهٽ ۾ گهٽ پارليامينٽ ۾ مونجهل نه هجن، جيڪا به سياسي پارٽي پنهنجي نظريي تي ڪليئر آهي، اها حڪومت کي وڌيڪ ٽف ٽائيم ڏئي سگهي ٿي. پي ڊي ايم ۾ واپسي جي سوال تي پ پ چيئرمين چيو ته ايڪشن پلان تي 10 سياسي پارٽين حامي ڀري هئي پر ايڪشن پلان تي عمل ۽ اتفاق راءِ نه ٿي سگهيو، جيستائين ايڪشن پلان تي واپس نه ايندا، تيستائين پي ڊي ايم جو حصو بڻجڻ جو فائدو نه آهي. بلاول ڀٽو چيو ته پي ڊي ايم تحت احتجاجي مرحلي جو آپشن موجود هو، بي اعتمادي رٿ جو آپشن به احتجاج جو حصو هو، بي اعتمادي جي صورت ۾ نه عثمان بوزدار رهي ها ۽ نه وري وزيراعظم رهي ها. هن چيو ته اسان سڀ گڏجي حڪومت ۽ عمران خان کي نشانو بڻايون ته سڀني لاءِ بهتر هوندو، سڄي اپوزيشن سمجهي ٿي ته نااهل حڪومت سبب عوام پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آهي، نالائق، سليڪٽڊ حڪومت جو ڄمي مقابلو ڪنداسين. پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته حڪومت جو معيشت جو موقف ڪوڙ تي ٻڌل آهي، حڪومتي نمائندا معيشت جي جيڪا ڳالهه ڪن ٿا،ايئن لڳي ٿو ته ڪنهن ٻئي ملڪ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. حڪومت جا معيشت تي انگ اکر ڪوڙا آهن ۽ ان جو شاهد پاڪستاني عوام آهي، مون سميت سڄو خاندان پاڪستان ۾ رهي جدوجهد ڪري رهيو آهي، اين آر او وٺڻ جي ضرورت عمران خان ۽ ان جي سليڪٽڊ حڪومت کي آهي.