پي ڊي ايم وارن جي نيت ۽ سياست ۾ کوٽ آهي: پرويز الاهي

0
233

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي چيو آهي ته پي ڊي ايم وارن جي نيت ۽ سياست ۾ کوٽ آهي، هو گڏجي به اڪيلي عمران خان جو ڪو مقابلو نٿا ڪري سگهن

لاهور ۾ اڳوڻي اسپيڪر افضل ساهي ۽ وڪيل فيصل چوڌري سان ملاقات دوران پرويز الاهي چيو ته عمران خان قومي مفاد رکي سمورا فيصلا ڪيا

هن چيو ته پي ڊي ايم حڪومت ڪجهه مهينن اندر معيشت تباهه ڪري ڇڏي، پي ڊي ايم حڪومت ملڪ کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي