ڪراچي( رپورٽ: دودو چانڊيو ) پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو اجلاس اڄ بلاول هائوس ڪراچي ۾ ٿيندو، جنهن ۾ پي ڊي ايم ۾ پيدا ٿيل اختلافن واري صورتحال سميت ملڪ جي سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو. پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ آصف علي زرداري، يوسف رضا گيلاني، فريال ٽالپر، مراد علي شاهه، نثار کهڙو، قمر الزمان ڪائره، نيئر بخاري، شيري رحمان ۽ ٻيا اڳواڻ شرڪت ڪندا. پارٽي پاران سي اي سي جي سمورن ميمبرن کي چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ شرڪت ڪن، ڪورونا ڪري ڪو ميمبر شريڪ نٿو ٿي سگھي ته اهو وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪري. پيپلزپارٽي جي ويجھن ذريعن موجب اڄوڪي اجلاس ۾ پي ڊي ايم ۾ رهڻ يا ڌارڻ ٿيڻ تي کليل بحث ٿيندو، گڏو گڏ عوامي نيشنل پارٽي سميت نون اتحادين سان ٿيل رابطن ۽ ٻين ڳالهين تي پڻ غور ويچار ٿيندو. اڄوڪي اجلاس لاءِ پ پ پنجاب جي اڳواڻن کي اها به هدايت ڪئي وئي آهي ته پنجاب اندر نواز ليگ جي پ پ سان رويي ۽ ٻين معاملن تي پڻ پارٽي قيادت کي آگاهه ڪيو وڃي.