ان جي دل تان به ڇا ته گذري هوندي نانءُ جنهن به سياست جو مڪاري رکيو هو، اها ته خبر ناهي هن سان ڇا ڇا ٿيو هوندو پر اها پڪ آهي ته اها واردات ۽ لقب پاڻ واري ملڪ ۾ ئي ٿيو هوندو. ٻئي هنڌ ايئن ٿيندو ئي ناهي. ٻاهر اهڙو ٻڌو ئي ناهي جيڪو هت ٻڌڻ کان رهيو ئي ناهي. هتي هر برائي سياسي فارم ۾ ميسر آهي ٻاهرين دنيا ۾ اهو ٻُجهڻ ۾ نه ايندو ته سياست هڪ ئي وقت غلامي به ڪري حڪمراني به ڪري، هڪڙن جي غلامي ڪري ٻين تي حڪمراني ڪري. جڏهن هڪ ڪم ٿئي تڏهن ان جي نتيجي ۾ ٻيو ڪم ٿئي. اها سياست هوندي آهي، اهڙي حڪمراني ٿيندي آهي عوام جي مٿان اهڙي حڪمراني ۾ ڏهاڪا گذري وڃن ۽ گذري وڃن زمانا ڪو مسئلو ناهي، مسئلو تڏهن آهي جڏهن ٻن مان هڪ ڪم ۾ ڪمي پيشي ٿئي، غلامي ۾ گهٽتائي ٿئي يا حڪمراني ۾ هيٺ مٿانهين ٿئي پوءِ مسئلو آهي پوءِ سڀ ٺيڪ ناهي.
اڄڪلهه سياست کي اهي سور پلئه پيل آهن اهي ٻئي پور نماڻي کي نصيب آهن جنم جنم جا حڪمران هيٺ لاٿل آهن هنن کي چئلينج ڪرڻ لاءِ هڪڙو مٿي چڙهي ويٺو آهي ۽ کين چيڙائي ويٺو. هڪ اڻ ٿيڻي ٿي آهي. هنن سان وڏي تعدي ٿي آهي ايئن ڪڏهن ٿيو ئي ناهي، ٿيندو اهو هو ته هنن مان ئي هڪڙو هيٺ ٿيندو هو ته ٻيو مٿي ايندو هو، هيڪر ٻيهر ۽ ٽيهر به ايئن ٿيندو هو پر ٿيندو ايئن ئي هو. اهو نه ٿيندو هو ته هڙئي هيڪاندا هليا وڃن نه ڪو بندو رهي نه بندا نواز!!! هي هنن جي وهم گمان ۾ به نه هو ته نه وونئڻ وڻن ۾ رهندا، نه سي ڪاتياريون پسي بازاريون هنن جو هينئڙو لوڻ ٿيندو!!!
لوڻ پروڻ ٿيل سياسي قيادت دانهون ڏاڍايون ڪيون پر بي درد زماني بند در دريون ڪيون!
زمانو جيڪو هي ڏٺيون ويٺا ها اهو ڪنهن ٻئي به ڏسي ورتو ۽ اهو ڪري ورتو جيڪو هي ڪندا رهندا هئا،غصي ۾ هي گڏ ٿي ويا گوڙ ڪيائون پر جيڪو ڏهاڪو ڏهاڪو سال عوام جي خدمت خاص ڪئي هيائون اها خد مت هنن جي مٿان ڪرپشن جي عنوان سان ڪيس بڻجي وئي. ڪجهه هڪڙن تي ڪجهه ٻين تي جنهن کان جيتري پڳي هئي ان لاءِ اوترو احتساب بڻي آهي. هاڻي هي حساب ويٺا ڏين، سور پنهنجا مسئلا عوام جا ڀانءِ تحريڪ ٿا هلايون ، عوام اسان سان گڏ آهي.ٻه مُک پارٽيون باقي اتحادي گڏ. کاڌو آهي ته گڏ ٿي گوڙ به ڪرڻو آهي تڏهن ته وري پنهنجو وارو ورڻُو آهي جيڪو ڪرڻو آهي گڏجي ڪرڻو آهي. جيڏي محرومي تيڏي تحريڪ هلائڻي آهي جيترو سخت احتساب اوتري تحريڪ ۾ تيزي آڻڻي آهي. عزم ڪري اعلان ڪري ويٺا پر هنن کان وسري ويو ته اهو عوام ساٿ ڪيئن ڏيندو، جيڪو هر حال ۾ گذارو ڪري ڄاڻي، نه گوڙ ڪري ڄاڻي نه تحريڪ هلائي ڄاڻي ٻيو ته اسان کي به چڱي طرح سڃاڻي!
تحريڪ جي صاحبن کان ٻيو اهو به وسري ويو ته پنهنجي جيڪا فطرت مختلف آهي ان جو ڇا ٿيندو. جيڪو حاصلات ۽ محرومين جو فرق آهي ان فرق جو ڇا ٿيندو. اعلان دهمان گهڻي دير نه هلندا، جڏهن عمل جو وقت ايندوم جلسا ٻلسا ٿي چڪا هوندا تحريڪ جو وقت ايندو ته ٻاهر ڪير نڪرندو. رستن تي نڪرڻ کان اڳ اسيمبلين مان نڪرڻو هوندو، ته ڪير نڪرندو، جيڪو نابري واري ۽ پڙ ڪڍي بيهي ته ان تي اختلاف ٿيندا انهن اختلافن جو ڇا ٿيندو؟ اهو نه سوچيائون. حڪومت جي مخالفت سر تي سوار ڪري اعلانن مٿان اعلان ڪندا ويا، اجلاسن مٿان اجلاس ڪندا ويا، تاريخن مٿان تاريخون ڏيندا ويا وچ تي وقفا به ڪندا رهيا، اندرين خاني وس وارن سان رابطا به ڪندا رهيا، پنهنجي پنهنجي منهن معاملا طئه ڪرڻ جي ڪوشش به ڪندا رهيا. ڪنهن کي ڏٽا، ڪنهن کي انڪار ٿيو. ان حساب سان هنن جون ڪيفيتون مٽبيون رهيون ڪنهن غصو ٿڌو ٿيندو ويو ڪنهن جو وڌنڌو رهيو. نيٺ انهن اختلافن جو وقت اچي ويو، هنن جي ٿڌ ۽ گرمي پاڻ ۾ اٽڪي پيا آهن، هاڻي هي پاڻ ۾ ٽڪراءُ ۾ آهن، حڪومت حالت قرار ۾ آهي.
پاڻ ۾ عهد ۽ پيمان ڪري پيار جا اظهار ڪري پي ڊي ايم ته ٺاهي ويٺا پر اها پي ڊي ايم هاڻي هنن جو پاڻ ۾ وڙهڻ جو ميدان جنگ آهي. جن کي گڏجي حڪومت سان پڄي اچڻو هو اهي هاڻ پنهنجي پڄي اچڻ ۾ پورا آهن. حڪومت کي جيڪو چئلينج ڪيائون هڪٻئي کي نوٽيس ويٺا ڏين. اتحاد مان پارٽين نڪرڻ شروع ڪيو آهي اڄ سڀاڻ“ دي اينڊ” ٿيڻ واري آهي. غير فطري اتحادن جي پڄاڻي ايئن ٿيندي آهي. مفادن جي سياست جو حشر اهو ٿيندو آهي. جڏهن نه حڪمراني عوام جي فائدي ۾ هجي نه سياست عوام جي حق ۾ هجي، عزيز فقط ذاتي مفاد هجي ته عوام به عملي طور لاتعلق رهندو آهي. ماڻهو جيئن حڪومتن کان نظر انداز ٿيندا آهن تيئن مخالف ڌر جي مالڪي کان محروم رهندا آهن. نتيجي ۾ هو به حڪومتن ۽ مخالف ڌر کان لاتعلق رهندا آهن. انهن جي وچ ۾ واسطو ۽ رابطو فقط استعمال ڪرڻ ۽ ٿيڻ جو حوالي سان هوندو آهي باقي عوام جو هڪ معمولي حصو هر دور ۾ سياست جو جذباتي شڪار ضرور رهندو آهي، جنهن کي ڪارڪن طبقو چئجي. اهو حصو ئي حڪومتن توڙي پارٽين جو ٿورو گهڻو ڀرم رکيو اچي. حقيقت ۾ عوام جو ڪيس به اهڙي طبقي خراب ڪيو آهي نه ته مڪمل لاتعلقي ۽ بائيڪاٽ جيڪر بهتر نتيجا ڏئي ها.
اڳي به ڪجهه ايئن هو پر ايترو ڪٿي هو. اڳ جي سياست ۾ هو پر اڄ جيترو قول ۽ فعل ۾ تضاد ڪٿي هو. اڳي جيڪا دعويٰ ڪئي ويندي هئي، ان جو ڪجهه نه ڪجهه ڀرم ضرور رکيو ويندو هو. اڳ واري سياست ۾ پوري فلم هلندي هئي، هر ڊائيلاگ پنهنجي پنهنجي ڪردار کان پنهنجي پنهنجي سچوئيشن ۾ ادا ٿيندو هو. اڄ پهرين سين جا ڊائيلاگ پوئين سين ۾ ۽ آخري سين وارا منظر شروع ۾ ٿا هلن. خبر ئي نٿي پوي ته فلم شروع ڪڏهن ٿي ختم ڪڏهن ٿي وئي. اڳي تحريڪون هلنديون هيون ته نتيجا ڏيڻ بنا ختم نه ٿينديون هيون، هاڻي فري ٽائيم واري تحريڪ ٿا ڏسون، موڊ تي هلڻ جهڙي تحريڪ کان وڌيڪ ريسٽ ڪرڻ واري تحريڪ ٿا ڏسون. پي ڊي ايم جي تحريڪ اها تحريڪ آهي، سنجيده ٿيڻ کان اڳ ۾ هلي، جنهن کي سنجيده ٿيڻ جي ضرورت ئي نه پئي، اڳ ۾ ختم ٿي وئي آهي.
تحريڪ ته رهي تحريڪ، پي ڊي ايم هاڻي اتحاد به ناهي رهيو. هن جي ڀڃ ڊاهه جو عمل شروع ٿي ويو آهي هڪ جماعت نڪتي ٻئين پئي نڪري. هڪڙا پاڻ نڪرندا ٻين کي ڪڍيو ويندو. آخر ۾ آئون ۽ ڪانءُ!! انهي ڪانءُ جي ڪان ڪان پئي هلندي سياست ٽران ٽران کان ڪڏهن خالي نه هوندي آهي، باقي تحريڪ جو نانءُ نشان ناهي. اهو امڪان انهن پاڻ ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي، جن ان جو اطلاع ڏنو هو ۽ اعلان ڪيو هو. جن ايترو ڪيو آهي انهن کي اهو به ڪرڻ کپي ته پي ڊي ايم جي خاتمي جو باقائده اعلان به ڪري ڇڏين، جيڪا شيءَ عملي طور ڪونهي اها نالي ۾ به نه رهي. ڳالهه هڪ پر ٿي پوي، تحريڪ جي آسري نالي ڪا اڻ تڻ به نه رهي. خاتمو باالخير ٿي وڃي ته جيئن دعاءِ خير گهرندڙ ماڻهو دعا لاءِ هٿ کڻي سگهن. ارمان ڪرڻ وارا ارمان ۽ افسوس ڪرڻ وارا افسوس ڪري سگهن، هو جيڪي واقعن جي ڊائري مرتب ڪندا آهن اهي ٿي ويل واقعن جي خاني ۾ لکي سگهن ته هڪ هئي پي ڊي ايم!!!