پي ڊي ايم جو سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ بائيڪاٽ جو فيصلو

0
177
پي ڊي ايم جو سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ بائيڪاٽ جو فيصلو
پي ڊي ايم جو سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ بائيڪاٽ جو فيصلو

اسلام آباد: پي ڊي ايم اتحاد صوبائي چونڊون ملتوي ٿيڻ خلاف ٻڌڻي هلائيندڙ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ جي بائيڪاٽ جو فيصلو ڪري ورتو

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ حڪومت ۾ شامل جماعتن جي قيادت جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين شرڪت ڪئي

لاهور مان وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس جي صدارت ڪندڙ وزيراعظم شهباز شريف جو لنڊن ۾ نواز شريف سان رابطو ٿيو، جنهن دوران پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن جي تاريخ ۽ سپريم ڪورٽ جي صورتحال بابت مشاورت ڪئي وئي

ذريعن موجب نوازشريف وڊيو لنڪ تي ڳالهائيندي چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن بابت ٻڌڻي هلائيندڙ 3 رڪني بينچ جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي، پي ڊي ايم ۾ شامل سموريون جماعتون 3 رڪني بينچ جو بائيڪاٽ ڪن

نوازشريف چيو ته 3 رڪني بينچ ۾ ثاقب نثار زده ماڻهو شامل آهن، 3 رڪني بينچ مان انصاف جي ڪا به اميد نه آهي

قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ اجلاس کي سپريم ڪورٽ ۾ پيدا ٿيل صورتحال بابت بريفنگ ڏني

اجلاس ۾ تجويز ڏني وئي ته اٽارني جنرل عدالت آڏو پيش ٿي 3 رڪني بينچ جي بائيڪاٽ بابت آگاهه ڪري

هن کي به پڙهندا

پي ٽي آءِ پاران چونڊن بابت سياسي جماعتن سان رابطن جو فيصلو