پي ٽي وي اسپورٽس جي ٺيڪن ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جو انڪشاف

0
376
پي ٽي وي اسپورٽس جي ٺيڪن
پي ٽي وي اسپورٽس جي ٺيڪن ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جو انڪشاف

پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومتي دور دوران پي ٽي وي اسپورٽس جي ٺيڪن ۾ اربين رپيا من پسند ڪمپنين کي ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

فيڪٽ فائنڊنگ کاتي جي رپورٽ موجب من پسند ڪمپنين کي ضابطن جي ابتڙ ٺيڪا ڏنا ويا، مختلف پارٽيز کي ٽئڪس معاف ڪيو ويو، جنهن سبب پي ٽي وي اسپورٽس کي اربين رپين جو نقصان پهتو

رپورٽ موجب اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي حڪم تي فواد چوڌري اطلاعات واري وزير طور غير قانوني قدم کنيا، جڏهن ته فواد چوڌري اهڙين الزامن جي ترديد ڪئي آهي

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته عمران حڪومت دوران پي ايس ايل دوران پي ٽي وي جي ٺيڪن ۾ ضابطن جي ڀڃڪڙي سببب اداري کي نقصان پهتو