پي ٽي آءِ 14 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ پاور شو جو فيصلو ڪري ورتو

0
263
اسلام آباد ۾ پاور شو جو فيصلو
پي ٽي آءِ 14 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ پاور شو جو فيصلو ڪري ورتو

پي ٽي آءِ جي سياسي ڪميٽي جي اجلاس دوران 14 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ پاور شو جو فيصلو ڪيو ويو آهي
عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ اسلام آباد جي پريڊ گرائونڊ تي جلسي جو فيصلو ڪيو ويو
اجلاس دوران ايم اين ايز جون استعيفائون مرحليوار منظور ٿيڻ خلاف حڪمت عملي تي صلاح مشورا ڪيا ويا
اجلاس ۾ ڳالهائيندي عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت هر ميدان ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، عوام کي وڌيڪ موجوده نظام جو شڪار ٿيڻ نه ڏنو ويندو
هن چيو ته، حڪومت جلد چونڊن جي تاريخ ڏئي،پي ٽي آءِ 14 آگسٽ تي زبردست پاور شو ڪندي