پي ٽي آءِ ۾ جيڪي ٻاهران آيا اهي سڀ استعيفيٰ ڏئي رهيا آهن: خورشيد شاهه

0
139

سکر (بيورو رپورٽ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ ۾ جيڪي به ٻاهران آيا آهن اهي سڀ استعيفيٰ ڏئي رهيا آهن، اهي ڪارڪردگي ان ڪري نه ڏيکاري سگهيا جو کين سياست جي خبر ناهي

سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته عمران جي ٿريٽ واري ڳالهه هن جو مونجهارو آهي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو ڪيترو پريشان آهي

هن چيو آهي ته هي بي لگام گهوڙن وانگر هلي رهيا آهن، ان ڪري ملڪ جون حالتون خراب آهن، حڪومت نالي ڪا شيءِ نه هجڻ سبب معاشي بحران وڌي رهيو آهي

خورشيد شاهه چيو ته اسان چاهيون ٿا ته سياسي حڪومتون پنهنجو مدو پورو ڪن، جيڪي سياسي پارٽيون حڪومت ۾ آيون آهن اهي پنهنجو ڪم ڪن

هن چيو آهي ته عوام چوي ٿو ته اپوزيشن ناڪاره آهي، اپوزيشن بيڪار ناهي، اسان کين موقعو ڏنو آهي ته هو پرفارم ڪن، اسان هنن کي گڏ ويهڻ جي آڇ ڪئي، اسان جي آڇ باوجود گڏ ويهڻ لاءِ تيار نه آهن، هي گڏ ويهڻ لاءِ ان ڪري تيار ناهن جو هي سياسي ماڻهو نه آهن