پي ٽي آءِ ۽ عمران خان قانون جي ڪوڙڪي ۾ ڦاسي پيا

0
243
ڇا عمران خان لانگ مارچ تي حملي جي جاچ ڪرائڻ چاهي ٿو ؟

                 ڪجھه ڏينهن اڳ جڏهن سپريم ڪورٽ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ بابت فيصلو ٻڌايو هو تڏهن حڪمران اتحاد انتهائي ڪمزور ترين سياسي صورتحال ۾ ڦاٿل نظر اچي رهيو هو. ان وقت ايئن پئي لڳو ته هاڻي حڪمران اتحاد جو آگسٽ 2023ع تائين حڪومت ڪرڻ وارو خواب نه رڳو چڪنا چور ٿي ويو آھي پر جيڪڏهن حڪمران اتحاد عام چونڊون ڪرائڻ طرف نه ويو ته ان اتحاد ۾ شامل پارٽيون ايندڙ عام چونڊن ۾ ايئن ڌوپجي وينديون آھن جيئن ڌوٻي گهاٽ ۾ ڪپڙا ڌوپجي ويندا آھن. 26 جولاءِ تي آيل سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي کانپوءِ لڳي رهيو هو ته تحريڪ انصاف وٽ وفاقي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرائڻ لاءِ هاڻي ڪافي آپشن موجود آھن جن کي استعمال ڪري پي ٽي آءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي ته وفاقي حڪومت فوري ختم ٿي وڃي،

ڇو ته پي ٽي آءِ  سمجهي ٿي ته جيڪڏهن فوري چونڊون ٿيون ته پي ٽي آءِ اڪثريت سان چونڊ کٽي ويندي. اهو ته عمران خان جا سياسي مخالف به تسليم ڪندي نظر اچي رهيا آھن ته عمران کي ڪوڙ به سچ وانگر وڪرو ڪرڻ جو آرٽ اچي ٿو. هو عوام جي سوچ پاڻ طرف موڙڻ جو فن ڄاڻي ٿو، پر پنجاب ۾ حڪمراني بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد جنهن سياسي صورتحال پي ٽي آءِ جي حق ۾ ڪر کنيو هو ۽ حڪمران اتحاد بند گهٽي ۾ بند محسوس ٿي رهيو هو ان حڪمران اتحاد کي 2 آگسٽ واري ڏينهن اليڪشن ڪميشن پاران اٺن سالن کان هلندڙ پي ٽي آءِ خلاف پرڏيهي فنڊنگ جي جاري ڪيل ڪيس ڄڻ ته نئين آڪسيجن فراهم ڪئي آھي ۽ پي ٽي آءِ لاءِ پارٽي طور ۽ عمران خان لاءِ پارٽي سربراهه طور ان فيصلي نيون مشڪلاتون پيدا ڪري ڇڏيون آھن.

ٿي سگهي ٿو ته اليڪشن ڪميشن جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو پي ٽي آءِ جي عوامي مقبوليت کي نقصان نه رسائي سگهي پر ان فيصلي جا قانوني اثر ايترا شديد ٿي سگهن ٿا جو اهي عوامي مقبوليت کي بي فائدا بنائي سگهن ٿا. مسلم ليگ ن جي به 2018ع کان اڳ عوامي مقبوليت اهڙي هئي جو ان کي خاص طور پنجاب ۾ چونڊ هارائڻ ان وقت بظاهر ممڪن نظر نه اچي رهيو هو پر 2018ع جي عام چونڊن کان اڳ پٽ کان  10 هزار ڌرهمن جي پگهار واري رقم نه وٺڻ ۽ اها رقم ظاهر نه ڪرڻ تي مسلم ليگ ن مان رڳو نواز شريف جي نااهلي  ۽ مريم نواز جي عدالتي فصلي سبب چونڊ وڙهڻ نه سگهڻ جو اثر اهو ٿيو جو مسلم ليگ نواز مان ان بعد ماڻهو ٽوڙڻ به آسان ٿي ويو ۽ ن ليگ اڪثريت سان کٽي به نه سگهي.

عجيب  اتفاق آھي ته  نواز شريف جي سزا جو فيصلو 2018ع جي عام چونڊن کان ڪجھه مهينا اڳ ٿيو هو هن وقت جڏهن پي ٽي آءِ خلاف پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو اليڪشن ڪميشن پاران ٻڌايو ويو آھي تڏهن جيڪڏهن موجوده اسيمبلي مدت پوري ڪري ۽ عام چونڊون مقرر وقت تي به ٿين تڏهن به عام چونڊن ۾ رڳو هڪ سال جو وقت باقي رهيو آھي. اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي پي ٽي آءِ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، جڏهن ته حڪومت ان فيصلي جي روشني ۾ پي ٽي آءِ تي پابندي لاڳو ڪرائڻ ۽ عمران خان کي ڪوڙا حلف نامه اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائڻ تي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ ريفرنس سپريم ڪورٽ ۾ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آھي. ان مان لڳي ٿو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي بعد شروع ٿيندڙ عدالتي جنگ جو هن ڀيري به عام چونڊن کان ڪجھه مهينا اڳ ڪو نتيجو سامهون اچي سگهي ٿو

جنهن نتيجي جا ايندڙ چونڊن تي گهرا اثر به پئجي سگهن ٿا.  اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته مان ايئن ڇو چئي رهيو آھيان ان جو سبب اليڪشن ڪميشن جو پرڏيهي فنڊنگ واري ڪيس جو فيصلو ۽ ان فيصلي بعد پي ٽي آءِ ۽ حڪمران اتحاد پاران قانوني جنگ لاءِ اختيار ٿيندڙ رستا ۽ حڪمت عملي آھي. اليڪشن ڪميشن جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ سامهون آيل مامرن کان پاڻ کي عدالت ذريعي آجو ڪرائڻ پي ٽي آءِ لاءِ آسان مامرو ان ڪري نه آھي جو ان ڪيس جي فيصلي سان جيڪي تفصيل سامهون آيا آھن اهي تفصيل سنگين قانوني اثر رکندڙ آھن. چونڊ قانون ۾ ڪنهن به پرڏيهي ملڪ، پرڏيهي ملڪ جي شهري ۽ ڪمپني کان فنڊ وٺڻ تي پابندي آھي ۽ انهن ذريعن کان فنڊ حاصل ڪرڻ جي قانون ۾ سختي سان نه رڳو منع ٿيل آھي پر ان قانوني پابندي جي خلاف ورزي ڪرڻ جي سنگين نتيجن جو به قانون ۾ واضح طور تي ذڪر ٿيل آھي ته جيڪڏهن ڪنهن به پارٽي تي پابندي پيل پرڏيهي ذريعن وٽان فنڊ وصول ڪرڻ جو عمل ثابت ٿئي ٿو ته وفاقي حڪومت ان پارٽي بابت پرڏيهي فنڊنگ حاصل ڪندڙ پارٽي طور ڊڪليئريشن جاري ڪندي جيڪا ڊڪليئريشن سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيندي. ان ڊڪليئريشن کي جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جاري رکي ٿي ته اها پارٽي نه رڳو ختم تصور ٿيندي پر ان پارٽي جي ٽڪيٽ تي چونڊيل قومي اسيمبلي،سينيٽ، صوبائي اسيمبلين سوڌو بلدياتي ادارن جا نمائندا به باقي رهندڙ مدت لاءِ نااهل ٿي ويندا .

پي ٽي آءِ خلاف پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ جيڪو اليڪشن ڪميشن فيصلو ڏنو آھي ان اليڪشن ڪميشن جي ٽي رڪني بينچ پاران متفقه طور تي ڏنل فيصلي ۾ چيو ويو آھي ته“ اليڪشن ڪميشن مطمئن آھي ته پي ٽي آءِ کي پابندي پيل ذريعن وٽان فنڊنگ ٿي آھي. 2008ع کان ع2013 تائين پي ٽي آءِ کي 51 لک ، 22 هزار، 218 ڊالرز ۽ 7 لک ، 92 هزار، 265 پائونڊن جي غيرملڪي فنڊنگ ٿي آھي. اليڪشن ڪميشن اهڙي فنڊنگ ڏيندڙ غير ملڪي ڪمپنين  ۽ غيرملڪي شهرين جي نالن جي لسٽ به ڏني آھي. اليڪشن ڪميشن فيصلي ۾ اهو به چيو آھي ته ان عرصي ۾ پي ٽي آءِ کي 34 غيرملڪي شهرين ۽ 351 غيرملڪي ڪمپنين فنڊنگ ڪئي آھي.”  اليڪشن ڪميشن جو اهو فيصلو ان ڪري به پي ٽي آءِ لاءِ پريشاني جو سبب آھي جو جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اهو ثابت نه ڪري سگهي ته فنڊ ڏيندڙ ڪمپنيون ۽ شهري سڀ پاڪستاني آھن

ته پي ٽي آءِ پرڏيهين جي فنڊنگ تي هلندڙ پارٽي ثابت ٿي ويندي ۽ ان خلاف ورزي تي اها پارٽي ختم ٿي سگهي ٿي. پي ٽي آءِ کي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته سپريم ڪورٽ رڳو پٽ ڏي واجب الادا رقم 10 هزار پائونڊ ظاهر نه ڪرڻ تي نواز شريف کي سڄي عمر لاءِ نااهل ڪري چڪي آھي ۽ ان کي پارٽي سربراهي کان به محروم ڪيو ويو. پي ٽي آءِ تي ته نه رڳو اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ تمام وڏي رقم پرڏيهي ڪمپنين ۽ شهرين کان وٺڻ جو مامرو سامهون آيو آھي پر فيصلي ۾ اهو چيو ويو آھي ته جيڪي پاڪستان ۾ بينڪ اڪائونٽ عمران خان جي صحيح سان کليا انهن کي به پارٽي جي ساليانين گوشوارن ۾ ظاهر نه ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن کان 16 اڪائونٽ لڪايا ويا جن اڪائونٽن کان لاتعلقي ڪئي وئي، اهي نه رڳو پي ٽي آءِ جا مرڪزي اڳواڻ هلائيندا رهيا پر انهن اڪائونٽن کي پي ٽي آءِ پاران تسليم نه ڪرڻ باوجود انهن اڪائونٽن مان پي ٽي آءِ جي ظاهر ڪيل اڪائونٽن ۾ 22 ڪروڙ 58 هزار روپيا جمع ڪرايا ويا.

پارٽي جي چئن ملازمن جي نجي اڪائونٽن ۾ به لکين روپيا جمع ٿيا نه رڳو ايترو پر اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ جيڪا سڀ کان سنگين ڳالھه ڪئي وئي آھي اها هي آھي ته عمران خان سال 2008ع کان سال 2013ع تائين پارٽي سربراهه طور پنهنجي صحيح سان پارٽي جا ساليانه گوشوارا جمع ڪرايا اھي غلط آھن. اوهان کي ٻڌايان ته پي ٽي آءِ جي فيصل واوڊا کي نامزدگي فارم ۾ پرڏيهي شهريت لڪائڻ تي اليڪشن ڪميشن نااهل ڪري چڪي آھي پر اليڪشن ڪميشن پاران فيصلي ۾ اهو قرار ڏيڻ باوجود ته عمران خان پاران پارٽي گوشوارن ۾ هر سال پنج سالن تائين غلط بياني ڪئي آھي فيصلي ۾ عمران خان جي ذاتي اڪائونٽن سان هلندڙ اڪائونٽ به ظاهر نه ڪرڻ جي نشاندهي ڪئي وئي آھي، پر اليڪشن ڪميشن ان باوجود عمران خان کي نااهل قرار نه ڏنو آھي. پر اليڪشن ڪميشن فيصلي ۾ عمران خان کي نااهل قرار ڏيارڻ لاءِ اهم مواد ان جي سياسي مخالفن کي ضرور مليو آھي

جيڪو ڪم اليڪشن ڪميشن نه ڪيو اهو ڪم هاڻي سپريم ڪورٽ ۾ فيصلي لاءِ ويندي نظر اچي ٿو. حڪومت ته شايد عمران خان جي نااهلي ۽ پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ جو ڪيس سپريم ڪورٽ جي فل بينچ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪري پر جيڪڏهن سپريم ڪورٽ فل بينچ قائم نه ڪري ۽ پنج رڪني بينچ قائم ٿي ته ان اڳيان به عمران خان کي پاڻ مٿان لڳل الزامن کي صاف ڪرائڻ آسان نه ٿيندو. جنهن سپريم ڪورٽ جي پنجاب ۾ حڪمراني بابت فيصلي کي عمران خان قانون جي حڪمراني قرار ڏيندي سپريم ڪورٽ جي تعريف ڪئي اها سپريم ڪورٽ جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ موجود حوالن کي رد نه ٿي ڪري ۽ فيصلو عمران خان خلاف اچي ٿو ته عمران خان ڇا سپريم ڪورٽ تي الزام يا تنقيد ڪري سگهندو ؟ ۽ جيڪڏهن عمران خان کي نواز شريف وانگر نااهل قرار ڏنو ويو تي پي ٽي آءِ عمران خان کانسواءِ ڇا جيئن هاڻي سياسي سفر ڪري رهي آھي ايئن سفر جاري رکي سگهندي؟

ڇو ته پي ٽي آءِ جو فيس ئي عمران خان آھي جنهن خلاف شديد فيصلو آيو آھي جنهن جي دليل ۾ فواد چوڌي جو اهو چوڻ ڪافي ناهي ته آڊيٽر جي آڊٽ ٿيل رپورٽ جي تفصيلن جو عمران خان کي ڪهڙو علم؟ کيس سمجهڻ گهرجي ته پارٽي سربراهه پاران جڏهن پنهنجي صحيح سان تفصيل جمع ڪرايا ويندا آھن ته انهن جي درست هجڻ يا نه هجڻ جي ذميواري ان جي هوندي آھي. بحرحال اليڪشن ڪميشن جو پرڏيهي فنڊنگ وارو فيصلو اهم آھي ايندڙ ڏينهن ۾ ان تي قانوني جنگ ٿيندي نظر اچي ٿي ۽ ان فيصلي جي آڙ ۾ وفاقي حڪومت به پي ٽي آءِ اڳواڻن کي سوڙهو ڪرڻ جا قدم کڻي سگهي ٿي. مطلب ته ملڪ اندر مهانگائي، بيروزگاري، عام ماڻهن جي اهنجن،  ٻوڏ جي تباهه ڪارين ۾ حڪومتن جون نااهليون، ڊالر جي قدر ۾ هيٺ مٿاهين جي اثرن، آءِ ايم ايف جي شرطن تي عام ماڻهن کي پيڙهڻ وارا مامرا ميڊيا ۾ ايئن جاءِ نه والاري سگهن جيئن ڪو مامرو فوڪس ڪيو ويندو آھي. سياسي ڇڪتاڻ ئي ميڊيا ۾ بحث جو موضوع هوندي عوام جو ان رساڪشي سان ئي ملڪ اندر دل وندرائي ويندي.