پشاور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف خيبرپختونخواهه ۾ پنهنجي 9 سالن جي حڪومت ۾ اربين روپين جا پرڏيهي قرض ورتا. ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب 2013 کان 2022 تائين ڪي پي ڪي حڪومت 661 ارب روپين جي قرضن جي معاهدن تي صحيحون ڪيون ۽ اهي پئسا ڪي پي ڪي حڪومت پرڏيهي ادارن کان منصوبن جي حوالي سان ورتا هئا. دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نيشنل هيلٿ سپورٽ پروجيڪٽ جي لاءِ 94 ڪروڙ 60 لک روپين جي قرض جي معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. هيلٿ سسٽم اسٽرينهننگ پروجيڪٽ جي لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ سان 18 ارب 60 ڪروڙ روپين جي قرض جو معاهدو ڪيو ويو جڏهن ته بالا ڪوٽ هائيڊرو پروجيڪٽ لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان 48 ارب 30 ڪروڙ جي قرض جو معاهدو ڪيو ويو آهي. دستاويزن موجب جون 2013 کان صوبي جو ورهايل ۽ بقايا قرض 130 ارب روپين جو هو.