پي ٽي آءِ ڪجهه به ڪري، شينهن کان پنجاب کسي نه سگهندي: مريم نواز

0
365

نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز اليڪشن ڪميشن طرفان پي ٽي آءِ جي باغي 25 ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪرڻ واري مامري تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته تحريڪ انصاف ڪجهه به ڪري وٺي، شينهن کان پنجاب کسي نه سگهندي

مريم نواز سماجي تنظيم ٽوئٽر تي پنهنجي رد عمل ۾ چيو ته پنجابين کي پنهنجي صوبي ۾ فرح گوگي جي ڦرلٽ ۽ تباهي تي سخت ڪاوڙ آهي، جنهن جو حساب هو چونڊن ۾ پورو ڪندا

مريم نواز چيو ته اليڪشن ڪميشن کي ڏينهن رات گاريون ڏيندڙ عمران خان کي اڄ ٿورو شرم ته ضرور آيو هوندو

ھي به پڙھندا

عمران خان چوي ته اڌ ڪلاڪ ۾ اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندس: پرويز الاھي