پي ٽي آءِ ڪارڪن علي بلال پوليس تشدد ۾ نه مئو، سندس موت روڊ حادثي سبب ٿيو: نگران وڏو وزير

0
157

پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي ۽ آءِ جي پنجاب عثمان انور چيو آهي ته تحريڪ انصاف جو ڪارڪن علي بلال پوليس جي تشدد ۾ نه مئو آهي، سندس موت روڊ حادثي سبب ٿيو

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو ته مون تي پهرين سازش ۽ هاڻي قتل جو الزام هنيو ويو، علي بلال جي موت کانپوءِ پي ٽي آءِ پاران منظم انداز ۾ ماڻهن کي گمراهه ڪيو ويو

هن الزام هنيو ته علي بلال جي والد کي هڪ ڪروڙ روپين جي آڇ ڪندي چيو ويو ته توهان کي حڪومت خلاف موقف تي قائم رهڻو آهي

آءِ جي پنجاب عثمان انور چيو ته علي بلال جي موت تي پي ٽي آءِ پاران ڪيل سازش کي ناڪام بڻايو ويو آهي، پي ٽي آءِ ڪارڪن بلال جو موت گاڏيءَ تان هيٺ ڪرڻ سبب ٿيو، بلال تي مبينا تشدد بابت پي ٽي آءِ پاران جاري ڪيل وڊيو جعلي آهي، سمورا ثبوت عدالت ۾ پيش ڪنداسين