اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آزاد ڪشمير چونڊن ۾ نظرياتي ڪارڪنن کي نظرانداز ڪرڻ خلاف پي ٽي آءِ ورڪرز اسلام آباد ۾ جمع ٿي ويا، پي ٽي آءِ ورڪرن وزيراعظم عمران خان جي گهر بني گالا ڏانهن ويندڙ رستو بند ڪري ڇڏيو، ٽڪيٽن جي ورڇ خلاف نعرا هنيا ويا. احتجاج ڪندڙن چيو ته پيراشوٽرز ۽ سرمائيدارن کي آزاد ڪشمير ۾ ٽيڪٽون ڏنيون ويون، پي ٽي آءِ پارلياماني بورڊ غلط فيصلو ڪيو جيڪو قبول نٿو ڪري سگهجي.