پي ٽي آءِ کي اسلام آباد ڪي ايف نائين پارڪ ۽ سيڪٽر ايڇ نائين ۾ جلسي جي اجازت

0
203
پي ٽي آءِ کي اسلام آباد

اسلام آباد انتظاميا پي ٽي آءِ کي ايف نائين پارڪ ۽ سيڪٽر ايڇ نائين ۾ جلسي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي

انتظاميا ريڊ زون تي احتجاج تي پابندي لڳائيندي اُن کي سيل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪنٽينرز رکي داخلي رستا بند ڪيا ويا آهن

انتظامي موجب غير واسطيدار ماڻهن ۽ مظاهرين کي ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي، ريڊ زون ۾ ائنٽي رائيٽ فورس، رينجرز ۽ ايف سي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

پي ٽي آءِ جي احتجاج واري سڏ بعد اليڪشن ڪمشنر سنڌ به سيڪيورٽي گهري ورتي، آءِ جي سنڌ کي سيڪيورٽي لاءِ هنگامي خط اُماڻيو ويو