پي ٽي آءِ جا اليڪشن ڪميشن آفيسز آڏو ڌرڻا: چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ريفرنس واپس

0
290

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرائڻ بعد واپس وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته فارن فنڊنگ ڪيس بابت فيصلي خلاف پي ٽي آءِ اڳواڻن اليڪشن ڪميشن آفيس آڏو احتجاج پڻ ڪيو آهي
تحريڪ انصاف ريفرنس ۾ ڄاڻايو هو ته آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ڄاڻي واڻي بدانتظامي پيدا ڪري رهيو آهي
ريفرنس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر پنهنجون ذميواريون نه پيو نڀائي، کيس فوري طور عهدي تان هٽايو وڃي
پي ٽي آءِ ريفرنس ۾ ڄاڻايو آهي ته گذريل مهيني پي ڊي ايم جي وفد چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات به ڪئي هئي، جنهن بعد چيف اليڪشن ڪمشنر ڌر ٿي ويو آهي
پي ٽي آءِ چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف سُپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ اُماڻيل ريفرنس هڪ ئي ڏينهن ۾ واپس ورتو
ذريعن جو چوڻ آهي ته رجسٽرار آفيس ۾ درخواست ذريعي ريفرنس واپس ورتو ويو، مسودي جو جائزو وٺڻ ۽ وڌيڪ قانوني پاسا شامل ڪرڻ بعد ريفرنس ٻيهر داخل ڪيو ويندو
ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي، فواد چوڌري ۽ ٻين اڳواڻن چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف نعريبازي سان گڏ کائنس مستعفي ٿيڻ جو به مطالبو ڪيو آهي
اسد عمر، فواد چوڌري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻڻ بعد اليڪشن ڪميشن ۾ ٺهراءُ ۽ يادداشتنامو پيش ڪرايا ويا آهن، جنهن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرز کان ترت استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو ويو آهي
يادداشتنامي ۾ پي ٽي آءِ چيو آهي ته ڪميشن ڊگهي عرصي کان پي ٽي آءِ سان متڀيدي رويو رکيو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر جو تعصب فيصلن ۽ پاليسيز ۾ نظر اچي ٿو، ڪي پي ۽ پنجاب اسيمبليز ڪميشن تي بي اعتمادي ظاهر ڪري چڪيون آهن
پي ٽي آءِ جو موقف آهي ته 2 آگسٽ تي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ جاري ٿيل فيصلو آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي
ڪراچي ۽ سکر ۾ به پي ٽي آءِ ڪارڪنن اليڪشن ڪميشن خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن
واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن فارن فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان جو حلفي بيان ڪوڙو قرار ڏنو هو

ھي به پڙھندا

اھا ڪھڙي آزادي آھي جو معاشي طور اسان آءِ ايم ايف جا غلام آھيون: وزيراعظم