پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف غداري ڪيس ۾ پٽيشنر وڪيل قتل

0
297
پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف غداري ڪيس ۾ پٽيشنر وڪيل قتل
پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف غداري ڪيس ۾ پٽيشنر وڪيل قتل

ڪوئيٽا ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف غداري ڪيس ۾ پٽيشنر ۽ سينيئر وڪيل عبدالرزاق قتل ٿي ويو آهي، وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ چيئرمين تي قتل جو الزام لڳايو آهي

ايڊووڪيٽ عبدالرزاق عدالت وڃي رهيو هو ته رستي تي تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني

پوليس سرجن جو چوڻ آهي ته عبدالرزاق تي ٻنهي پاسن کان ايم ايم پستول وسيلي نشانو بڻايو ويو، کيس 15 گوليون لڳيون

واقعي خلاف وڪيل برادري عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو

بلوچستان جي وڏي وزير نوٽيس وٺندي آءِ جي پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي

عبدالرزاق شر بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾  پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف سنگين غداري تحت ڪارروائي جي استدعا ڪئي  هئي، سڀاڻي سندس درخواست تي ٻڌڻي رٿيل هئي

وزيراعظم جي خاص معاون عطاء تارڙ پي ٽي آءِ چيئرمين تي قتل واقعي ۾ ملوث هجڻ جو الزام مڙهيندي چيو ته عبدالرزاق شر کي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ شهيد ڪيو ويو

پي ٽي آءِ دهشتگرد  تنظيم بڻجي وئي آهي، واقعي جو ڪيس پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف هلايو ويندو