اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف 26 نومبر تي راولپنڊي ۾ جلسي جي حوالي سان اسلام آباد انتظاميا کي درخواست ڏني، پي ٽي آءِ اسلام آباد جي صدر علي نواز اعواڻ پاران ڏنل درخواست ۾ تحريڪ انصاف جي جلسي جي هنڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي، تحريڪ انصاف پاران 26 نومبر تي فيض آباد وٽ عوامي جلسو ڪيو ويندو، درخواست ۾ ٻڌايو ويو آهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جو هيليڪاپٽر پريڊ گراونڊ اسلام آباد ۾ لهندو، پريڊ گرائونڊ کان اڳوڻو وزيراعظم عمران خان فيض آباد حقيقي آزادي مارچ جي قيادت لاءِ روانو ٿيندو، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته هميشه جيان 26 نومبر تي به راولپنڊي ۾ هڪ پرامن ۽ جمهوري عوامي اجتماع منقعد ڪري رهيا آهيون، اسلام آباد انتظاميا کان تحريڪ انصاف جي پرامن ريلين جي فيض آباد تائين پهچڻ لاءِ اجازت طلب ڪيون ٿا، عمران خان جي هيليڪاپٽر جي پريڊ گرائونڊ اسلام آباد ۾ لهڻ جي به اجازت ڏني وڃي.