لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سان وزيراعليٰ پرويز الاهي جي ملاقات، پنجاب اسيمبلي مان استعيفا واري فيصلي تي مڪمل حمايت جو اعلان ڪندي چيو آهي ته خان صاحب توهان اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ چوندا ته هڪ منٽ به دير نه ڪندس. پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جي معاملي تي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ۽ وزيراعليٰ پنجاب پرويز الاهي ۾ اهم ملاقات ٿي، پرويز الاهي عمران خان مونس الاهي ۽ ايم پي اي حسين الاهي سان گڏجي زمان پارڪ ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وزيراعليٰ پنجاب اسيمبلي مان استعيفائون ڏيڻ جي فيصلي جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو، ملاقات ۾ پنجاب اسيمبلي جي رولز آف پروسيجر جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، اسيمبلي جي قاعدن، ضابطن ۽ ٽيڪنيڪل رُخن تي غور ڪيو ويو. پرويز الاهي ۽ عمران خان اپوزيشن کي هر غيرآئيني حربي جو ڄمي مقابلو ڪرڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو، ملاقات ۾ اسيمبلي ٽوڙڻ واري  تجويز تي پرويز الاهي چيو ته استيعفائن جو فيصلو عمران خان جو آهي،  اسان ان فيصلي جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، پرويز الاهي سان گڏ مونس الاهي به عمران خان کي پنهنجي حمايت جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته اسيمبلي ٽٽڻ يا استعيفائون اچڻ جي صورت ۾ ملڪ عام اليڪشن طرف وڃڻ گهرجي، اسيمبلي ٽوڙڻ کان اڳ آئيني آپشنز ۽ پي ڊي ايم جي امڪاني حڪمت عملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، پي ڊي ايم وٽ بي اعتمادي رٿ آڻڻ لاءِ گهربل اڪثريت ناهي، هي صرف گوڙ ڪري رهيا آهن، انهن کي ايوان ۾ شڪست ڏينداسين. پرويز الاهي ٻيهر چيو ته اسيمبلي ٽوڙڻ ۾ رتي برابر به دير نه ڪندس، اسيمبلي عمران خان جي امانت آهي،  امانت ان کي ڏئي ڇڏي آهي، عمران خان جي هر فيصلي جو ساٿ ڏينداسين، اسان جنهن سان گڏ هلندا آهيون، ان جو پورو ساٿ ڏيندا آهيون، غلط فهميون پيدا ڪندڙ ٻيهر ناڪام ٿيندا. هن چيو ته اسيمبلي جو اجلاس هلي رهيو آهي، گورنر راڄ نه ٿو لڳي سگهي، اپوزيشن اسيمبلي جي رولز آف بزنس جو مطالبو ڪندي ڪري، ان موقعي تي عمران خان چيو ته پنجاب جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس اڄ طلب ڪيو آهي، جنهن ۾ پنجاب اسيمبلي جي مستقبل بابت مشاورت ٿيندي. عمران خان چيو ته چورن جي ٽولي معيشت تباهه ڪري ڇڏي.  ان کان اڳ تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ پرويز خٽڪ جي اڳواڻي ۾ وفد وزيراعليٰ پنجاب پرويز الاهي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ موجوده سياسي صورتحال ۽ ايندڙ حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران پرويز الاهي پرويز الاهي کي به خاطري ڪرائيندي چيو ته آئون هر طرح سان تيار آهيان، عمرن سان گڏ آهيان ۽ رهندس، عمران خان جڏهن حڪم ڪندو اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندس. ان موقعي تي پرويز الاهي وفاقي سرڪار کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته پي ڊي ايم نااهلن جو ٽولو آهي، اپوزيشن جو هر حربو ناڪام بڻائينداسين. ملاقات ۾ چوڌري پرويز الاهي چيو ته 13 جماعتن وٽ نه اڪثريت آهي ۽ نه ئي ايتري جرئت آهي جو هو بي اعتمادي رٿ پيش ڪري سگهن. ملاقات بعد پرويز خٽڪ چيو ته جيڪو فيصلو ٿيندو، پرويز الاهي عمران خان جي هدايت تي عمل ڪندو، اسان سڀ هڪ پيج تي آهيون،  آئون چاهيان ٿو ته پارٽي اندر ڪو اختلاف نه هجي، سڀ گڏجي فيصلو ڪريون.

لاهور: تحريڪ انصاف جي اعليٰ سطحي ڪاميٽي صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ واري معاملي تي پنهنجون سفارشون تيار ڪري ورتيون آهن. ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ميان اسلم اقبال، محمود الرشيد، حماد اظهر، اعجاز چوڌري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪاميٽي جي ميمبرن 20 ڊسمبر تائين اسيمبليون ٽوڙڻ جي سفارش ڪئي آهي، جڏهن ته پنجاب جي ڪجهه ميمبرن اسيمبليون فوري طور نه ٽوڙڻ جي تجويز ڏني آهي، ذريعن موجب اجلاس ۾ ميمبرن راءِ ڏني ته سياسي ڪارڊ کيڏڻ وقت وقت جو خيال رکيو وڃي، اسيمبليون تڏهن ٽوڙڻ گهرجن جڏهن وفاق ۽ ٻين صوبن تي اسيمبليون ٽوڙڻ جو دٻاءُ وڌي سگهي ٿو، هن وقت تڪن ۾ اربين رپين جي ترقياتي ڪمن جا ٽينڊر جاري ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترائي سرڪاري منصوبا مڪمل ٿيڻ جي آخري مرحلي ۾ آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪاميٽي جي سفارشن تي پارلياماني بورڊ جي اجلاس کانپوءِ حتمي فيصلو عمران خان ڪندو.