پي ٽي آءِ پاران چونڊن بابت سياسي جماعتن سان رابطن جو فيصلو

0
200

تحريڪ انصاف به سپريم ڪورٽ جي صورتحال توڙي پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن بابت سياسي جماعتن سان رابطن جو فيصلو ڪري ورتو

شاهه محمود قريشي لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي ۽ سنڌ جي ٻين جماعتن سان به رابطا ڪيا ويندا

تحريڪ انصاف سدائين آئين جو تحفظ ڪيو آهي، هاڻي به آئين جي دفاع لاءِ تحريڪ انصاف وڪيلن ۽ ججز سان گڏ بيٺل آهي

هن چيو ته عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر اصولي ويڙهه وڙهڻ نڪتو آهي، وڪيلن کي درخواست آهي ته اهي به تحريڪ ۾ حصو وٺن