اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي سميت ٻين پارٽيز جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيسز تي جلد فيصلو ٻڌائڻ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو، درخواست ۾ نواز ليگ ۽ پ پ سميت ٻين پارٽيز خلاف پرڏيهي فنڊنگ ڪيس تي ٻڌڻي روزاني بنياد تي هلائڻ جي استدعا ڪئي وئي.