اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي سينيئر نائب صدر فواد چوڌري چيو آهي ته تحريڪ انصاف نواز ليگ جي بحيثيت پارٽي رجسٽريشن ختم ڪرڻ لاءِ ريفرنس داخل ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته اليڪشن ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪندي هڪ مفرور ملزم ان پارٽي جا فيصلا ڪري رهيو آهي ۽ پارٽي اعلان ڪيو آهي ته اهي سپريم ڪورٽ کي تسليم نه ٿا ڪن، اهو اعلان بذات خود آرٽيڪل 6 جي زمري ۾ اچي رهيو آهي.