اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ فوج ۽ سپريم ڪورٽ کي ٽياڪڙي ڪرڻ جي اپيل ڪندي صدر عارف علوي جون ڪوششون ناڪام ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر چيو آهي ته هن وقت ڪنهن سان به ڳالهيون نه پيون ٿين، طاقت وسيلي عوامي راءِ کي دٻائڻ جا خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا. هن چيو ته لانگ مار ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهو شامل آهن اميد آهي ته ڏنل تاريخ تي اسلام آباد پهچي وينداسين، هن چيو ته طاقتور فوج پاڪستان جهڙي ملڪ جي ضرورت آهي عمران خان ڪرپشن کي پاڪستان جو سينٽرل اشو سمجهي ٿو، لانگ مارچ ۾ خون خرابي جو ڪو خطرو نه آهي. هن چيو ته ٿاثيل ٽولو پنهنجا اربين رپين جا ڪيس معاف ڪرائي رهيو آهي. هنن کي ڊپ آهي ته اليڪشن ۾ هي فارغ ٿي ويندا ان ڪري چونڊ نه پيا ڪرائين ڇاڪاڻ ته عمران خان سان گڏ قوم بيٺي آهي. هن چيو ته فوج يا سپريم ڪورٽ مداخلت ڪري صدر عارف علوي جيڪي ڳالهيون ڪيون اهي ڪامياب نه ٿي سگهيون. حڪومت چونڊن جو اعلان ڪري اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون.