پي ٽي آءِ پاران عمران خان تي حملي جي جاچ سميت 4 مطالبن لاءِ سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان

0
193

تحريڪ انصاف عمران خان تي حملي جي جاچ ڪرائڻ سميت 4 مطالبن لاءِ سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سومر ڏينهن قومي ۽ صوبائي اسيمبليز جا سمورا ميمبر سپريم ڪورٽ رجسٽري ٻاهران گڏ ٿيندا

شاهه محمود قريشي چيو ته چيف جسٽس کي درخواست ڏئي عمران خان تي حملي جي جاچ ڪرائڻ سميت 4 استدعائون ڪيون وينديون

هن ٻڌايو ته اسلام آباد کانسواءِ لاهور، پشاور ۽ سنڌ ۾ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرين ۾ به درخواست داخل ڪرائي ويندي

شاهه محمود قريشي موجب درخواست ۾ اعظم سواتي کي انصاف ڏيارڻ، ارشد شريف جي قتل ڪيس جي شفاف جاچ ڪرائڻ ۽ سائيفر واري معاملي جي تهه تائين وڃڻ جي استدعا ڪئي ويندي