ڪراچي(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر بهسنڌي قوم کي ايڪتا عيد جون مبارڪون ڏنيون آهن جڏهن ته حليم عادل شيخ چيو آهي ته عمران خان جنوري ۾ سنڌ ايندو. ڪالهه پنهنجي وڊيو ٽوئٽ ۾ اسد عمر چيو ته سنڌ جي سمورن ماڻهن کي سنڌ جي ثقافت جو ڏينهن اجرڪ ٽوپي ڏينهن مبارڪ هجي. هن چيو ته سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن جيوي جيوي پاڪستان. ٻئي طرف پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ ٽوئيٽ ۾ چيو ته پي ٽي آءِ جو چيئرمين پاران سنڌي ثقافت جو ڏينهن مبارڪ هجي، عمران ان جنوري ۾ سنڌ اچي رهيو آهي اهو سنڌ جي عوام کي ثقافتي ڏينهن جو تحفو آهي.