اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف وفاقي حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف 13 آگسٽ تي اسلام آباد جي پريڊ گرائونڊ تي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ  لاءِ وڏو جلسو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهڙو فيصلو ڪالهه تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي صدارت ۾ پي ٽي آءِ جي سياسي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ٿيو، پي ٽي آءِ پاران جاري ٿيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ 13 آگسٽ تي اسلام آباد پريڊ گرائونڊ ۾ ڀرپور طاقت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ جلسو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پي ٽي آءِ ڪارڪن 14 آگسٽ جو جشن به ان جلسي گاهه ۾ ملهائيندا، ذريعن مطابق پي ٽي آءِ پاران ملڪ جي آزادي واري ڏينهن 14 اگسٽ تي به طاقت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ پريڊ گرائونڊ ۾ جلسو جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته ان جلسي ۾ ايندڙ احتجاجي حڪمت عملي جو به اعلان ڪيو ويندو، اجلاس ۾ پي ٽي  آءِ جي مرڪزي قيادت کي طاقت جي مظاهري لاءِ جلسي جون ڀرپور تياريون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ان جلسي ۾ پنجاب، خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير کان وڏا قافلا اسلام آباد آڻڻ جي ذميواري به اڳواڻن کي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت هر ميدان ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، عوام کي وڌيڪ موجوده نظام جو شڪار ٿيڻ نه ڏنو ويندو، حڪومت جلد چونڊن جي تاريخ ڏئي،پي ٽي آءِ 14 آگسٽ تي زبردست پاور شو ڪندي

ڪراچي: تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته اسلام آباد جلسي ۾ ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان ڪرڻ وڃون پيا، پنجاب اليڪشن سبب روڪيل هئاسين، اسان عام چونڊون چاهيون ٿا، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسانجو مقصد صرف عام چونڊون آهن، چونڊ جي تاريخ ڏئي پوءِ ويهي ڳالهائينداسين، هن چيو ته پنجاب جي عوام هنن کان حڪومت کسي ورتي، اسان چاهيون ٿا ته هڪ ئي وقت سڀ اسيمبليون ٽوڙيون وڃن، قانون ۾ پابندي ناهي پر سموريون چونڊون هڪ ئي وقت ٿيڻ گهرجن، ضمني اليڪشن تي پٽيشن داخل ڪئي آهي، اميد آهي ته عدالت ضمني اليڪشن تي اسٽي جاري ڪندي. هن چيو ته عمران سان سرڪار کي پاڻ ٻڌايو ته توشا خانه مان هيتريون شيون کنيون ۽ ايتري ۾ کپيون، هن اهو به ٻڌايو ته انهن شين تي ڪيترو ٽيڪس ڏنو، جڏهن ته نوازشريف ۽ زرداري ته توشا خانه مان گاڏيون کنيون آهن. هي عمران خان کي ڪهڙي بنياد تي نااهل ڪرائيندا، عمران خان جي نااهلي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، بي اعتمادي کان اڳ مائنس عمران جي آڇ ڪئي وئي هئي، مونکي چيو ويو هو ته مائنس عمران جو آئڊيا آهي، 3 نالا ڏيو، مون کيس جواب ۾ چيو توهان جو دماغ خراب آهي، عمران کانسواءِ تحريڪ انصاف ۾ آهي ڇا؟. اسد عمر چيو ته نرم مداخلت جي ڳالهه ناهي، عوام جو مينڊيٽ اهم آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته عمران خان کان 2 کان وڌيڪ غلطيون ٿيون آهن، آخر هو به انسان آهي، عمران خان جي  پهرين غلطي جو مونکي پتو ناهي.