پي ٽي آءِ وارا بي تُڪيون شيون آڻڻ ۾ ماهر آهن، ملڪ ۾ صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ جو ڪوبه دڳ موجود ناهي: سعيد غني

0
267
پي ٽي آءِ جا ميمبر اغوا ڪرڻ وارو الزام غلط آهي: سعيد غني
پي ٽي آءِ جا ميمبر اغوا ڪرڻ وارو الزام غلط آهي: سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارا ماڻهن جو ڌيان مَٽائڻ لاءِ بي تُڪيون شيون آڻڻ ۾ ماهر آهن، ملڪ ۾ صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ جو ڪوبه دڳ موجود ناهي

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو آهي ته ڪابه سياسي پارٽي صدارتي نظام کي قبول نه ڪندي، آئين سان ڇيڙڇاڙ ڪري ڪا نئين شرارت ڪئي وئي ته ملڪ کي نقصان ٿيندو

هن چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارن جو صدارتي نظام وارو شوشو جلد مري ويندو، سڄي ملڪ ۾ يوريا جو بحران آهي، فصل تباهه ٿي رهيا آهن

سعيد غني چيو آهي ته 24 جنوري تي سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو، ڪراچي ۾ به احتجاج ڪنداسين، احتجاج 24 جنوري تي منجهند کان شروع ٿيندو

سعيد غني چيو آهي ته پاڪستان جي عوام جو مسئلو مهانگائي ۽ گيس جو بحران آهي، دال، دوائن ۽ ٻين شين جون قيمتون آسمان ڏانهن وڌي رهيون آهن، 3 سئو ترجمان سڀ سٺو آهي جي راڳ الاپي رهيا آهن، پاڪستان دنيا جو ٽيون وڏو مهانگو ملڪ آهي

هن چيو آهي ته گذريل ٽن سالن ۾ ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو آهي ان کان عوام بيزار آهي، لوڪل گورنمينٽ ترميمن تي عوام جو ڌيان هٽائڻ لاءِ احتجاج ڪيو پيو وڃي، عام ماڻهوءَ کان پڇو ته کيس گئس جي ضرورت آهي يا مڪاني حڪومتن جو نظام، هو چوندا ته گيس کپي

هن چيو آهي ته ٽنڊو الهيار واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو آهي، قتل ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ مقتول جي وارثن موجب ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي ڪالهه، هن واقعي کي  ايم ڪيو ايم لساني رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي

سعيد غني چيو آهي ته هن وقت سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جو ڪو به امڪان ناهي، سنڌ جي صحت جي نظام تي تمام گهڻو بار نه آهي، جيڪڏهن صورتحال خراب ٿي ته صورتحال جي بنياد تي فيصلو ڪنداسين

هن چيو آهي ته اسان ڪنهن کي به پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ مجبور نه ڪري رهيا آهيون، جماعت اسلامي احتجاج ڪري رهي آهي اسان ڪجهه نه چيو پر يونيورسٽي روڊ جهڙو روڊ بلاڪ ڪرڻ جو ڪنهن کي به حق ناهي، عوام لاءِ احتجاج ڪرڻ جا دعويدار عوام کي تنگ ڪري رهيا آهن، اسان هاري مارچ به پنج وڳي تائين ختم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي