هالا (ن پ ا) مٽياري مان پاڻي نيڪال واري معاملي تان ڇڪتاڻ بعد سيمنٽ ،ريتي، لوهه چوري جي ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آئي اڳواڻ مخدوم فضل،مخدوم محسن ۽ مخدوم عمارحيدر سميت 20 کان مٿي جوابدارن جي ايڊيشنل سيشن جج ھالا انتسار حسين تنيو جي عدالت 20،20 هزار جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. جنهن بعد هو نارا جيل مان آزاد ٿي هالا پهتا. سند هالا پهچڻ جي اطلاع تي هالا سميت پوري ضلعي جي پوليس جا اهلڪار شيلنگ جي گولن، لٺين سان مختلف هنڌن تي بيٺل رهيا. سندن چرپر تي شهر ۾ خوف سبب اڪثر شهرين شام  کان پنهنجا دڪان بند ڪري ڇڏيا.  هوڏانهن تحريڪ انصاف جي چيئرمن عمران خان  مخدوم فضل، مخدوم محسن ۽ مخدوم عمار حيدر کي فوري طور تي پاڻ وٽ گهرائي ورتو آهي، جنهن سبب مٽياري کان واپس ڪراچي روانو ٿي ويو. ٻئي طرف کيبر، کنڊو، ڀٽ شاهه ۽ ھالا باء پاس  ۽ ھالا هائوس تي جمع ٿيل هزارين ماڻهن سان مخدوم فضل جو وڏو ڀاءُ مخدوم غلام محي الدين جمع ٿيل عوام جو ٿورو مڃيو.