پي ٽي آءِ نيب ترميمن کي سُپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

0
168
سُپريم ڪورٽ ۾ چئلينج
پي ٽي آءِ نيب ترميمن کي سُپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) قومي احتساب بيورو(نيب) ترميمن کي سُپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي

پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان طرفان داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نيب قانون ۾ آئين سان ٽڪراءُ ۾ ايندڙ ترميمون ڪيون ويون آهن

پي ٽي آءِ اعليٰ عدليه کان استدعا ڪئي آهي ته سُپريم ڪورٽ نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏئي، ڇاڪاڻ ته اِهي ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ نه ڪرپشن بچائڻ لاءِ ڪيون ويون آهن

تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ وفاقي سرڪار ۽ نيب کي ڌرُ بڻايو  آهي