اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) وفاقي وزيرن دعويٰ ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جا ميمبر رابطي ۾ آهن، 20 ميمبر اسان ڏانهن اچي ويا آهن، اهي به نٿا چاهين ته اسيمبليون ٽٽن، گورنر راڄ ۽ بي اعتمادي رٿ آئيني طريقو آهي اهو استعمال ڪري سگهجي ٿو. ان حوالي سان وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُالله چيو آهي ته اسيمبليون ٽوڙڻ جو عمل ڪڏهن به سياسي پارٽيز لاءِ فائديمند ثابت ناهي ٿيو، ڪوشش ڪنداسين ته اسيمبليون تحليل نه ٿين، گورنر راڄ ۽ بي اعتمادي رٿ آئيني طريقو آهي ۽ اُهي استعمال ڪري سگهجن ٿا، هن چيو ته فيصلو ڪرڻو اٿئو ته پوءِ 20 ڊسمبر جو انتظار ڇو؟ اوهان جي بليڪ ميلنگ ۾ نه اينداسين، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي رانا ثناءَ الله چيو ته بحراني ڪيفيت پيدا ڪرڻ لاءِ ڪي پي ۽ پنجاب اسيمبليون ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، ڪرپٽ نظام مان نڪرڻ لاءِ پهرين سينيٽ چيئرمين ۽ صدر کي به ڪڍو، هن چيو ته عمران خان ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، جلسن ۾ ناڪام ٿي اسيمبليون ٽوڙڻ وارو اعلان جمهوريت ۽ عوام جي توهين آهي، پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبليون ٽُٽيون ته چونڊن لاءِ تيار آهيون، عام چونڊون مقرر وقت تي ئي ٿينديون هوڏانهن بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته تحريڪ انصاف جا ميمبرز اسان سان رابطي ۾ آهن، اُهي نه ٿا چاهين ته اسيمبليون ٽُٽن، اهڙي ڪا به ڳالهه نه ڪندس جنهن سان کين ڏکيائي اچي، خواجه آصف چيو ته سياسي صورتحال مسلسل تبديل ٿي رهي آهي، منهنجا ڪُجهه دوست اُن تي ڪم ڪري رهيا آهن، هاڻي ڏسڻو آهي ته ميمبرز سان رابطن بابت ڪنهن جي دعويٰ درست ٿي ثابت ٿئي. ٻئي طرف نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي وفاقي وزير اياز صادق دعويٰ ڪندي چيو آهي ته عمران جي پارٽي ٽٽي وئي آهي، سندس 20 ميمبر اسان ڏانهن اچي ويا آهن، پهرين هن کي اتحادي ڇڏي ويا آهن ته هاڻ پرويز الاهي ۽ ٻيا ڇو نه ٿا وڃي سگهن؟ هن چيو ته اسيمبليون ٽوڙڻ بابت عمران خان ڏانهن ڏسي رهيا آهيون، 2 اسيمبليون ٽٽي ويون ته ڇا ڪرڻو آهي؟ ان بابت اسان حڪمت عملي جوڙي رهيا آهيون، عمران خان اهو رسڪ کڻندي 10 ڀيرا سوچيندو، هاڻ حالتون 2018ع واريون ناهن، خواجه آصف  چيو ته هن وقت تائين پرويز الاهي وٽ ڪوبه آپشن ناهي، پرويز الاهي جو مستقبل ان سان ئي گڏ آهي، اسان پرويز الاهي کي وڏ وزارت جي آڇ ڪئي هئي، خير جي دعا به ٿئي پر 24 ڪلاڪن بعد صورتحال تبديل ٿي وئي. هن چيو ته 2 اسيمبليون ٽٽي ويون ته اليڪشن ٿيندي، ڪوبه مسئلو ناهي، ڏکئي کان ڏکئي حالت ۾ به اليڪشن وڙهنداسين، وفاقي حڪومت ڪيڏانهن نه پئي وڃي، وئي به ڪا وڏي ڳالهه ناهي، اليڪشن ۾ کٽڻ هارائڻ ٿيندو رهندو آهي.