اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن کي شرڪت کان روڪيو ويو. ان ڏس ۾ قومي اسيمبلي اسپيڪر  اجلاس ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن کي شرڪت جي اجازت نه ڏني ، پي ٽي آءِ ميمبرن کي پوليس وي آءِ پي گيٽ وٽ روڪي ورتو، جنهن تي ڪراچي مان استعيفا ڏيندڙ پي ٽي آءِ ميمبرن اجلاس ۾ شرڪت جي اجازت لاءِ ڌرڻو هنيو.ان موقعي تي ميمبرن جي پوليس ان هاٿا پائي به ٿي.استعيفيٰ ڏيندڙ ميمبرن چيو ته کين اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت کان روڪڻ قانون شڪني آهي. 7 آپريل تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حڪم آيل آهي، ڪٿي شنوائي نٿي ٿئي. وڌيڪ روڪيو ويو ته توهين عدالت ٿيندي. عالم گير خان چيوته سنڌ هاءِ ڪورٽ کان وڏي ڪا طاقت اچي وئي آهي جيڪا عدالت جو حڪم نٿي مڃي. اسين ڪراچي مانچونڊيل آهيون اسان کي اندر وڃڻ نه ڏيڻ سنڌ سان ظلم آهي.  وڏي ڪوششن باوجود تحريڪ انصاف جا ميمبر ايوان  ئي نه پر پارليامينٽ جي اڱڻ ۾ به داخل نه ٿي سگهيا. واپس ويندي هنن اعلان ڪيو ته اهي روزانو اسيملي ايندا. ٻئي پاسي قومي اسيمبلي جيميمبرن چيو ته استعيفا ڏيندڙ ايم اين ايز هاڻي ميمبر ناهن رهيا، انهن کي ايوان ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ ميمبرن جي استعيفا بابت اليڪشن ڪميشن جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو آهي. اسپيڪر جو فيصلو نه.