پي ٽي آءِ ميمبرن لاءِ پارليامينٽ جا در کلي سگهندا؟

0
201
پي ٽي آءِ ميمبرن لاءِ پارليامينٽ جا در کلي سگهندا؟

 لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي 72 قومي اسيمبلي ميمبرن جي استعيفائون منظور ڪرڻ جي نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آھي ۽ پي ٽي آءِ جي انهن  قومي اسيمبلي ميمبرن کي استعفائون واپس وٺڻ لاءِ اسپيڪر وٽ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آھي. مطلب ته ان فيصلي باوجود پي ٽي آءِ ميمبرن کي استعيفائون واپس وٺڻ لاءِ اسپيڪر وٽ پيش ٿيڻو آھي. سوال هي آھي ته ڇا اسپيڪر ان فيصلي کانپوءِ انهن ميمبرن سان فوري ملڻ جو فيصلو ڪندو يا اهو پراڻو موقف اختيار ڪندو ته استعيفا جي تصديق لاءِ هو هر ميمبر کي ڌار ڌار طلب ڪرڻ بعد انهن استعيفائون بابت فيصلو ڪندو. سوال هي به آھي ته پي ٽي آءِ ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪرڻ بعد ڇا اسپيڪر لاهور هاءِ ڪورٽ جي ان فيصلي کي قبول ڪندو يا ان خلاف اپيل ۾ ويندو؟ لڳي اهو ٿو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي باوجود پي ٽي آءِ ميمبرن لاءِ قومي اسيمبلي هال جا دروازا ايتري آساني سان نه کلندا، ڇو ته قومي اسيمبلي جي مدت مڪمل ٿيڻ ۾ هاڻي گهڻو وقت باقي نه رهيو آھي. قومي اسيمبلي، سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلي جي مدت ۾ ڪيترو وقت يا ڏينهن باقي آھن، ان تي اچڻ کان اڳ اوهان اڳيان ڪي پي ڪي ۽ پنجاب اسيمبلي جي حوالي سان صورتحال رکڻ چاهيان ٿو.

پنجاب اسيمبلي 14 جنوري 2023 ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلي   18 جنوري 2023 تي ٽُٽي چڪيون آھن. آئين تحت 90 ڏينهن اندر چونڊ ڪرائڻ واري پابندي تي عمل ٿئي ها ته پنجاب اسيمبلي جي تڪن تي 13 اپريل 2023 ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلي جي تڪن تي 17 اپريل تائين چونڊ ٿي وڃي ها پر آئين ۾ اسيمبلي ٽُٽڻ جي صورت ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو شرط موجود هجڻ باوجود ان مامري کي اهڙو ته سياسي مامرو بنايو ويو، جو اڃان تائين انهن صوبن ۾ چونڊن وارو مامرو لٽڪيل  آھي. لڳي ائين ٿو ته هاڻي انهن صوبن ۾ به چونڊون باقي صوبن سان گڏ ٿينديون، ڇو ته هاڻي قومي اسيمبلي، سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلي جي مدت مڪمل ٿيڻ ۾ رڳو ٻه مهينا ۽ 22 ڏينهن باقي وڃي رهيا آھن. قومي اسيمبلي، سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلي جي مدت 12 آگسٽ 2023 رات 12 وڳي مڪمل ٿي ويندي ۽ ان حوالي سان آئين چوي ٿو ته اسيمبلين جي مدت مڪمل ٿيڻ جي سٺ ڏينهن اندر چونڊ ڪرائي ويندي. اگر ان آئيني گهرج تي عمل ٿيو ته دير ۾ دير 11 آڪٽوبر 2023 تائين ملڪ اندر عام چونڊ ڪرائڻي پوندي پر هن وقت سياسي صحافتي حلقن ۾ اهو سوال بحث هيٺ ايندو رهي ٿو ته ملڪ اندر عام چونڊ وقت اندر ٿي سگهندي؟ اهو سوال ملڪ اندر غير يقيني واري صورتحال ۾ اضافو ڪري رهيو آھي. غير يقيني جي صورتحال ۾ ان ڪري به اضافو ٿي رهيو آهي، جو باقي موجود اسيمبلين جي مدت مڪمل ٿيڻ ۾ هاڻي ڪو گهڻو وقت نه رهيو آھي پر ان هوندي به عام چونڊن کان اڳ جيڪي سرگرميون نظر اچڻ گهرجن، اهي نظر نه اچي رهيون آھن.

اسان جي ملڪ جي سياسي حالتن کي ڏسجي ته اهو واضح طور محسوس ٿيندو ته تاريخ مان اڪثر سياسي ڌرين توڙي طاقتور حلقن سبق ناهي سکيو. عمران خان اڄ جن ڌرين کي سخت تنقيد جو نشانو بنائي رهيو آھي، اهو عمران خان 2018 جي عام چونڊن کان اڳ انهن جي ڪلهي تي چڙهي اقتدار ۾ اچڻ جي منصوبي تي عمل ڪرڻ لاءِ اچي ڊي چوڪ وسايو هو، جتي هو بار بار هي جملو ورجائيندو هو ته امپائر جي آڱر مٿي ٿيڻ واري آھي ۽ جڏهن چونڊن کان اڳ ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي مان اڳواڻ ٽوڙي عمران خان جي پارٽي ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ اماڻيا ويندا هئا، تڏهن هر اڳواڻ جي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ وقت عمران خان چوندو هو ته فلاڻي پارٽي جي هڪ وڌيڪ وڪٽ ڪري پئي. عمران خان 2018 جي چونڊن کان اڳ مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف جي نااهلي، ان جي ڌيءَ سوڌو گرفتاري جي به ان ڪري مخالفت نه ڪئي ته ان وقت نواز شريف جي گرفتاري ۾ سندس سياسي فائدو هو. عمران خان پنهنجي حڪومت ۾ موجوده وزير اعظم سوڌو اپوزيشن جي لڳ ڀڳ هر اهم اڳواڻ کي گرفتار ڪرايو، انهن کي سالن جي عرصي تائين بند رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. عمران خان پنهنجي حڪومت دوران جنهن هڪ پيج جو بار بار ذڪر ڪندي نه ٿڪبو هو، کيس ان وقت ملڪي تاريخ ياد رکڻ گهرجي ها پر هو سياسي مخالفت ۽ اقتدار جي منزل تائين پهچڻ لاءِ رڳو پنهنجي هدف جي حاصلات تي سوچيندو رهيو. اڄ به حالتون لڳ ڀڳ ساڳيون آھن پر ڪردار تبديل ٿيل آھن. هن وقت عمران خان اهو ڪجھ ڀوڳي رهيو آهي، جيڪو ڪنهن وقت پهريان پيپلزپارٽي ۽ پوءِ مسلم ليگ ن وارا ڀوڳي رهيا هئا. فرق صرف اهو آھي ته عمران خان اسٽبلشمينٽ سان ڪشيدگي پاڻ وڌائي صورتحال هن سطح تائين آڻي بيهاري آھي. عمران خان چاهي ها ته صورتحال کي هن سطح تي پهچڻ کان روڪي پئي سگهيو پر عمران خان جارحاڻو انداز اختيار ڪرڻ ۾ پنهنجو سياسي  فائدو محسوس ڪيو ۽ پوءِ ان انداز کي ان حد تائين وڃي پهچايو، جنهن سان صورتحال ڳنڀير ٿي وئي آھي. جيئن 2018 جي عام چونڊ کان اڳ ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي کي ماڻهو ڇڏيندي نظر ايندا هئا ائين پي ٽي آءِ مان اڳواڻ لڏپلاڻ ڪري رهيا آھن. هن وقت پي ٽي آءِ جا اهم اڳواڻ ايم پي او گرفتار ٿي رهيا آھن، عدليه پي ٽي آءِ اڳواڻن کي ضمانت تي آزاد ڪري رهي آھي ته اڪثر اڳواڻ ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيا وڃن ٿا. توڙي جو جيترو جلدي هڪ ٻن ڏينهن جي فرق سان پي ٽي آءِ اڳواڻن جون ضمانتون ٿي رهيون آھن پر ان هوندي به فواد چوڌري جي گرفتاري جي خوف کان عدالت طرف ڀاڄ واري سامهون آيل وڊيو ٻڌائي ٿي ته اهو فواد چوڌري جيڪو پنهنجي سياسي مخالفن کي نه ڇڏڻ جون ڏينهن ۾ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا پريس ڪانفرنس ڪندو هو، اهو پاڻ گرفتاري کان ڪيترو ڊڃي رهيو آھي.

بهرحال هن وقت ملڪ جون جيڪي به حالتون آھن انهن بابت مستقبل ۾ موجوده حڪمرانن کي به جواب ڏيڻا پوندا. قومي ادارن تي حملا ڪرڻ کي ڪو به سٺو عمل نٿو چئي سگهي. اهڙي ڏوهه جو مرتڪب ٿيندڙن خلاف ڀلي ڪاروائي ٿيڻ گهرجي پر سويلين خلاف ڪاروائي سويلين لاءِ منظور قانون تحت  ٿيڻ گهرجي. پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان اهو چئي قومي ادارن تي حملا ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي جي حمايت ڪئي آھي ته اگر قومي ادارن تي حملا ڪندڙن کي عدالتون رليف ڏينديون ته آرمي ايڪٽ حرڪت ۾ ايندو. ڳالھ عدالتن جي ٿي رهي آھي ته اوهان کي ٻڌايان ته ججن جي حوالي سان آيل آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ عدالتي ڪميشن قائم ڪري ڇڏي آھي، جنهن ۾ اسلام آباد ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي به ميمبر طور شامل ڪيو ويو آھي. اها ڪميشن ڏسندي ته عدليه بابت ايندڙ آڊيو ليڪس درست آھن يا نه. ڏسڻو اهو آھي ته ڪميشن ڪم ڪرڻ شروع ڪري ٿي يا نه ۽ ڪميشن ڇا ان سوال کي به بحث هيٺ آڻي ٿي ته ڇا ڪنهن شهري جي ڳالھ ٻولھ رڪارڊ ڪرڻ جي قانون اجازت ڏئي ٿو؟

ملڪ جون هن وقت جيڪي حالتون آھن، انهن حالتن ۾ مامرا ڪهڙي رخ طرف وڃي سگهن ٿا، ان بابت ڪو ڪجھ نٿو چئي سگهي. حالتون انتهائي سنگين آھن. پي ٽي آءِ جا حامي ته انهن کي ماضي جي مارشلائي دورن سان ڀيٽي رهيا آھن پر هاڻي به پي ٽي آءِ حامي اقتدار ۾ اچڻ جو جيڪو رستو عمران خان اختيار ڪيو، ان کي غلط نٿا سمجهن پر اهو درست آھي ته پي ٽي آءِ جي اڳواڻن لاءِ حالتون ٺيڪ نه آھن.