اسلام آباد: پي ٽي آءِ فارين فنڊنگ ڪيس ۾  آيل فيصلي وارو مامرو قومي اسيمبلي ۾ پهچي ويو، بچاءَ جي وفاقي وزير خواجه آصف قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي چيو ته 8 سالن بعد اليڪشن ڪميشن فيصلو ٻڌايو، پاڪستان جي تاريخ ۾ ايتري اختلافي ۽ اهم مسئلي بابت ايترو دير سان فيصلو ڪرڻ جو ڪو  مثال نه ٿو ملي، هن چيو ته نواز شريف کي پٽ کان 10  هزار درهم پگهار طور نه وٺڻ تي تاحيات نااهل ڪيو ويو، ان کي پارٽي جي سربراهي کان به محروم ڪيو ويو، هڪ شخص خلاف اليڪشن ڪميشن جو اڄ فيصلو آيو آهي، ان کي صادق الامين قرار ڏنو ويو هو، جنهن خلاف پرڏيهي فنڊنگ جا تمام ثبوت فيصلي ۾ موجود آهن، ان سوچيل سمجهيل منصوبي تحت ملڪي معيشت ۽ ادارا تباهه ڪيا، ها ۾ ها نه ملائڻ تي ادارن ۽ ماڻهن کي گاريون ڏيندو هو، ڪنهن کي مير صادق ته ڪنهن کي مير جعفر چوندو آهي،هن چيو ته عمران خان جو سياسي پروفائيل ٺاهڻ لاءِ يهودين اسپتال جي تعمير لاءِ امداد ڏني، هن کي ڪرڪيٽر ميٽر چوندا هئا، پيسا نه ملندا هئا ته نه هلي سگهندو هو، هن ملڪ ۾ اخلاقيات تباهه ڪئي، هي ڀارت، آمريڪا، اسرائيل کان مال لٽيندو رهيو آهي، هن پنهنجي اولاد جو ذمو به برطانيا جي شهرين تي ڇڏيو آهي، اليڪشن ڪميشن هن جو اصل چهرو ڏيکاريو، هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا استعيفائن باوجود اڃا تائين سرڪاري گاڏيون ۽ رهائشيون رکيو ويٺا آهن، اسان ۽ عدليه تي فرض آهي ته جن ثبوتن تي اليڪشن ڪميشن جو فيصلو آيو آهي ، انصاف ۽ قانون تحت وڌيڪ فيصلو ڏنو وڃي.