اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير سردار اياز صادق چيو ته فنانشنل ٽائمز ۾ عمران خان جي پارٽي جي فارين فنڊنگ بابت اسٽوري آئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته خيرات جا پيسا تحريڪ انصاف کي ڏنا ويا، اهي اسرائيل، ڀارت، غير ملڪين کان عارف نقوي فلاحي مقصدن لاءِ ورتا هئا، قومي اسيمبلي ۾ اياز صادق مطالبو ڪيو ته ان حوالي سان هڪ خصوصي ڪاميٽي قائم ڪئي وڃي جيڪا فارين فنڊنگ جو پتو لڳائي، ان ۾ بشير ميمڻ کي به گهرايو وڃي، خصوصي ڪاميٽي جي ڪارروائي لائيو ڏيکاري وڃي، اليڪشن ڪميشن جلد فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ڪري.