پي ٽي آءِ غير قانوني فنڊنگ ڪيس جو فيصلو چيلينج ڪري ڇڏيو

0
389
تحريڪ انصاف کي جلسي جي اجازت

اسلام آباد: تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جو غير قانوني فنڊنگ بابت ڪيس جو فيصلو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو

پي ٽي آءِ جي ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل عمر ايوب غير قانوني فنڊنگ بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي

پي ٽي آءِ درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو آهي

تحريڪ انصاف پنهنجي درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي غير قانوني قرار ڏيڻ ۽ غير قانوني فنڊنگ ڪيس ۾ شوڪاز نوٽيس کي به ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي آهي، جڏهن ته عدالت کان گذارش ڪئي وئي آهي ته پي ٽي آءِ جي غير قانوني فنڊنگ ڪيس بابت اليڪشن ڪميشن جو 2 آگسٽ وارو فيصلو به ڪالعدم قرار ڏنو وڃي

غير قانوني فنڊنگ بابت ڪيس جي فيصلي جا اهم نڪتا

ثابت ٿي ويو ته پي ٽي آءِ غير قانوني فنڊ گڏ ڪيا

پي ٽي آءِ جا 13 نامعلوم اڪائونٽس سامهون آيا

امريڪا، آسٽريليا ۽ يو اي اي مان خيرات ورتي وئي

پي ٽي آءِ اڪائونٽس بابت ٻڌائڻ ۾ ناڪام رهي

آئين موجب اڪائونٽس لڪائڻ غير قانوني آهي

پي ٽي آءِ 34 پرڏيهين، 351 ڪاروباري ادارن ۽ ڪمپنين مان فنڊز ورتا

پي ٽي آءِ عارف نقوي جي ڪمپني ووٽن ڪرڪيٽ مان غير قانوني فنڊز گڏ ڪيا

عارف نقوي کان 21 لک 21 هزار 500 امريڪي ڊالرز ورتا ويا