پي ٽي آءِ عمران جي نااهليءَ بابت لکت ۾ فيصلو جاري نه ڪرڻ تي سوال اٿاري ڇڏيا

0
309

اسلام آباد: پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر عمران خان جي نااهليءَ بابت اليڪشن ڪميشن طرفان لکت ۾ فيصلو جاري نه ڪرڻ تي سوال اٿاري ڇڏيو

اسد عمر چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن لکت ۾ فيصلو ڇو روڪي ڇڏيو آهي، هاڻي اڃا ڪهڙي کچڻي پچي رهي آهي

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته اليڪشن ڪميشن کي لکت ۾ فيصلو جاري ڪرڻ گهرجي، دير تي سوال اٿي رهيا آهن، خدشو آهي ته وري ڪو نئون رُخ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي

فواد چوڌري چيو ته 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود لکت ۾ فيصلو جاري نه ٿيڻ اليڪشن ڪميشن جي جانبدار هجڻ جو ثبوت آهي، قومي ليڊر کي نااهل ڪرڻ جو مقصد ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ آهي

واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن توشه خانه ريفرنس تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي نااهل قرار ڏنو هو، پي ٽي آءِ سڄي ملڪ ۾ مظاهرا ڪري رهي آهي، جڏهن ته فيصلو چيلينج ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي