پي ٽي آءِ طرفان سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ وارو فيصلو رد، عدالت وڃڻ جو اعلان

0
276
پي ٽي آءِ طرفان سنڌ ۾ مڪاني

پي ٽي آءِ مڪاني ۽ ننڍيون چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي رد ڪندي عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

تحريڪ انصاف جي ايم پي اي خرم شير زمان سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ ۾ مذمتي ٺهراءُ جمع ڪرايو آهي

پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ٻڌي حيرت ٿي، ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ رڳو 3 ڏينهن اڳ چونڊون ملتوي ڪيون ويون

هن چيو ته  برسات کي چونڊون ملتوي ٿيڻ جو ڪارڻ ڄاڻائڻ کل جوڳي ڳالهه آهي، اليڪشن ڪميشن مڪمل طور جانبدار بڻجي چڪي آهي، ڪنهن به پاڪستاني کي يقين ناهي ته موجوده ڪميشن جي هوندي شفاف چونڊون ٿي سگهن ٿيون

اسد عمر چيو ته ضميرن جي سوداگرن کي عوام ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو، جڏهن به چونڊون ٿينديون، کين عبرتناڪ شڪست نصيب ٿيندي

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو ملتوي ٿيڻ جي تصديق