پي ٽي آءِ سنڌ ۾ اختلاف؟ حليم عادل شيخ سينيئر نائب صدر ۽ علي جوڻيجو نائب صدر جي عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

0
340

ڪراچي: پي ٽي آءِ سنڌ ۾ اختلاف يا ڪو ٻيو مامرو؟ صوبائي ۽ ڊويزنل عهدن تي مقررين واري اعلان جي 24 ڪلاڪن ۾ استعيفائون اچڻ جو سلسلو شروع  ٿي ويو

حليم عادل شيخ سينيئر نائب صدر ۽ علي جوڻيجو نائب صدر جي عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، ٻئي استعيفائون پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي زيدي ڏانهن اُماڻيون ويون

حليم عادل شيخ اپوزيشن ليڊر ۽ علي جوڻيجو گورنر جو صلاحڪار هجڻ جو جواز ڄاڻائي تنظيمي عهدا رکڻ کان معذرت ڪئي. ميرپور خاص جي ڊويزنل صدر اڪبر پلي جنرل سيڪريٽري جو عهدو ملڻ تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

علي زيدي گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ سنڌ ۾ عهديدارن جي مقرري جو اعلان ڪيو هو، ذريعن جو چوڻ آهي ته حليم عادل شيخ ۽ علي جوڻيجو پارٽي جي اندروني اختلافن سبب استعيفائون ڏنيون آهن