پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان اليڪشن ڪميشن جَي فيصلي کي سازش قرار ڏئي ڇڏيو

0
213
ڪجهه طاقتون اليڪشن

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان اليڪشن ڪميشن جَي فيصلي کي سازش قرار ڏئي ڇڏيو

عمران خان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو حڪومت ۽ اتحادين پاران پي ٽي آءِ کي ٽوڙڻ جِي سازش آهي، حڪومت اليڪشن ڪميشن کي پي ٽي آءِ خلاف استعمال ڪيو

وڊيو لنڪ تي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته، مخالفن پهريان لوٽا ٺاهيا، پيسا هلايا، جڏهن اُهي ناڪام ٿيا ته ادارن کي استعمال ڪيو، اُهي سدائين ادارن کي استعمال ڪندا آهن، نون ليگ جَي وفد اليڪشن ڪميشن وٽ وڃي چيو ته فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو، اليڪشن ڪميشن آرام سان ڪنٽرول ٿي سگهي ٿو

سرٽيفڪيٽ ۽ حلفي بيان ۾ فرق هوندو آهي، حلفي بيان اهو هوندو آهي، جيڪو شهباز شريف نوازشريف کي پرڏيهه موڪلڻ لاءِ عدالت ۾ جمع ڪرايو، 2012ع ۾ قانون موجب پرڏيهي ڪمپني مان پيسا اچي سگهندا هئا،  اُن وقت عارف نقوي پيسا ڏنا، ڇا مونکي خواب اچڻو هو ته 6 سالن کانپوءِ عارف نقوي فراڊ ڪندو