اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ واري معاملي تي پي ٽي آءِ سان ڳالهين بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. حڪومتي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حڪومتي اتحاد ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين ذريعي اهم اڳڀرائي ٿي آهي، حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ چونڊون هڪ ڏينهن تي ڪرائڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي، آزاد، شفاف ۽ منصفاڻيون چونڊون نگران حڪومت تي ٿينديون. وفاق ۽ صوبائي حڪومتن ۾ نگران حڪومت ٺاهڻ تي به اتفاق ٿي ويو آهي، جڏهن ته قومي، سنڌ ۽ بلوچستان جون اسيمبليون ڪڏهن ٽوڙجن، ان جو فيصلو نه ٿي سگهيو آهي. رپورٽ موجب قومي، بلوچستان ۽ سنڌ اسيمبلي ٽوڙڻ جي تاريخ تي سياسي اڳواڻ مشاورت ڪندا.رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته حڪومتي اتحاد آئيني مدي کان اڳ اسيمبليون ٽوڙڻ ۾ لچڪ ڏيکاري. حڪومت عوامي مفاد لاءِ ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ لاءِ تيار آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حڪومتي اتحاد 20 اپريل تي پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ عدالت کان مهلت گهري هئي، حڪومتي اتحاد ۾ شامل رڳو ٻه پارٽيون پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ راضي نه ٿيون، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ڳالهين واري ڪميٽي پي ٽي آءِ سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، مذاڪراتي ڪميٽين وچ ۾ ڳالهين جا ڪل 5 دور ٿيا. رپورٽ ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ کي ٻڌايو ويو ته ملڪ انتهائي اهم ۽ حساس صورتحال مان گذري رهيو آهي. پي ٽي آءِ کي ٻڌايو ته ايندڙ بجيٽ کان اڳ آءِ ايم ايف ۽ دوست ملڪن سان معاهدا اڻٽر آهن، پي ٽي آءِ ملڪ جي معاشي مسئلن جي سنگينيت کي تسليم ڪري ورتو.