پي ٽي آءِ خوني راند کيڏڻ وڃي رهي آهي: مريم اورنگزيب

0
171

اسلام آباد: سُڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ ڪي پي حڪومت جي وسيلن سان خوني راند کيڏڻ وڃي رهي آهي، اهي جنهن حد تائين ويندا،حڪومت به اُن حد تائين وڃي کين روڪيندي، ڪابه جمهوري حڪومت خوني مارچ جي اجازت نٿي ڏئي سگهي

مريم اورنگزيب چيو ته چونڊون ڪرائڻ اسان جو حق آهي، تاريخ به اسان ڏينداسين، عمران خان کي چونڊون ڪرائڻيون هيون ته پنهنجي حڪومت ۾ تاريخ جو اعلان ڇو نه ڪيو

هن چيو ته عمران خان صاحب!، توهان جو وقت ختم ٿي ويو، هاڻي انتظار ڪريو، موجوده حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي

مريم اورنگزيب چيو ته رپورٽس مليون آهن ته پي ٽي آءِ جا جٿا هٿيار ۽ ڪهاڙيون کڻي ايندا،  جِن جي ڳالهائڻ سان ڏڦيڙ پيدا ٿئي، اُهي پُرامن مارچ ڪيئن ڪندا