پي ٽي آءِ خلاف فارن فنڊنگ ڪيس: اڳوڻو اسپيڪر ايف آءِ اي ۾ طلب

0
202
اڳوڻو اسپيڪر ايف آءِ اي ۾ طلب
پي ٽي آءِ خلاف فارن فنڊنگ ڪيس: اڳوڻو اسپيڪر ايف آءِ اي ۾ طلب

ايف آءِ اي پي ٽي آءِ خلاف پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ جاچ لاءِ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر کي طلب ڪري ورتو
اسد قيصر کي جاري ٿيل نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته توهان 2 اڪائونٽس کولرايا ۽ اُنهن کي هلائڻ ۾ به ملوث رهيا
ايف آءِ اي نوٽيس اسد قيصر سان مخاطب ٿيندي چيو آهي ته ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي جاچ ٽيم جي سوالن جا جواب ڏيو
ايف آءِ اي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي جاچ لاءِ 5 رُڪني مانيٽرنگ ٽيم جوڙي ورتي، جڏهن ته عمران خان جي پي ايس سوڌو 4 ملازمن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن
ذريعن موجب ملازمن جاچ دوران انڪشاف ڪيو آهي ته هو فنڊنگ جا پئسا پي ٽي آءِ جي فنانس مينيجر کي ڏيندا هئا
ذريعن موجب ملازمن جاچ دوران انڪشاف ڪيو آهي ته اها خبر ناهي ته فنڊنگ ڪير ۽ ڪٿان اُماڻيندو هو، فنڊز جا پئسا ملازمن جي سيلري اڪائونٽ ۾ به ويندا هئا
پي ٽي آءِ جي پرڏيهي فنڊنگ بابت اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ ۾ 4 ملازمن کي نامزد ڪيو ويو هو