جيڪب آباد: پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ 2 سال اڳ محمد ميان سومرو جي ڀيڻ مليحه سومرو سپريم ڪورٽ ۾ الزام هيٺ آيل ولي جکراڻي تي سرڪاري ايراضين تي قبضا ڪرڻ جي درخواست داخل ڪرائي  هئي، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ضلعي انتظاميا ولي خان جکراڻي جي شڪارپور روڊ تي نرسنگ ڪاليج وٽ قبضي هيٺ آيل جڳهه ڊاهي پٽ ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ هلندڙ هئي.