پي ٽي آءِ حقيقي ٺهي وئي، اڳواڻن پاران پارٽي ڇڏڻ جو سلسلو جاري

0
134
پي ٽي آءِ حقيقي ٺهي وئي، اڳواڻن پاران پارٽي ڇڏڻ جو سلسلو جاري
پي ٽي آءِ حقيقي ٺهي وئي، اڳواڻن پاران پارٽي ڇڏڻ جو سلسلو جاري

ڪراچي: پاڪستان تحريڪ انصاف حقيقي به ٺهي وئي آهي 9مئي واقعن تي ردعمل ڏيندي پي ٽي آءِ جي اڳواڻن پي ٽي آءِ حقيقي جو اعلان ڪيو آهي، پي ٽي آءِ حقيقي جي چيئرمين رائو ياسر ۽ ٻين اڳواڻ ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي

رائو ياسر 4 ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ مان استعيفا ڏني هئي ۽ هن پي ٽي آءِ حقيقي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي، رائو ياسر چيو ته 9مئي واقعي جي مذمت ڪريان ٿو جيڪي به ان ۾ ملوث آهن انهن کي سزا ملڻ گهرجي

هن چيو ته نوجوانن کي ڀڙڪائي حساس عمارتن تي حملا ڪرايا ويا آئون بيگناهه گرفتار ٿيل نوجوانن جي آزادي لاءِ ڪردار ادا ڪندس، رائو ياسر پي ٽي آءِ يوٿ ونگ جو اڳواڻ به رهي چڪو آهي

اڳوڻي ايم اين اي عائشه گلالئي ۽ ٻيا اڳواڻ ق ليگ ۾ شامل

عائشه گلالئي سوڌو مختلف پارٽين جي اڳواڻن ق ليگ ۾ شموليت ڪري ڇڏي، چوڌري شجاعت حسين، چوڌري غلام سرور، چوڌري شافع ۽ ٻين ق ليگ جي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪئي

پاکستان اسلام کا قلعہ ہے اور اس قلعے کی محافظ پاک فوج ہے، پاکستان کا ہر ایک شہری پاک فوج کا سپاہی ہے: عائشہ گلالئی/ فوٹو سوشل میڈیا

ان موقعي تي اڳوڻي ايم اين اي عائشه گلالئي ق ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، عائشه گلالئي چيو ته 9مئي جي واقعن جي مذمت ڪريان ٿي  فوجي ملڪيتن تي حملو ڪيو ويو

جڏهن ته سيالڪوٽ جي فيملي سان تعلق رکندڙ اڳوڻي ايم پي اي احسن بريار، عنصر بريار ۽ سليم بريار به ق ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو

ق ليگ ۾ شموليت ڪندڙن ۾ ولي محمد خان، حاجي سليمان خان، چوڌري خالد محمود،  پيپلزپارٽي پيٽرياٽ جو اڳوڻو نائب صدر ملڪ عزت مهمند به شامل آهن

عائشه گلالئي پهريان پي ٽي آءِ ۾ هئي ان بعد هن پنهنجي پارٽي پي ٽي آءِ گلالئي ٺاهي هئي هاڻ هن ق ليگ ۾ شموليت ڪئي آهي

ان موقعي تي چوڌري شجاعت چيو آهي ته هي حڪومت ٺهي ته منهنجو پٽ سالڪ وزير ٿيو هو مون ڪڏهن سفارش نه ڪئي هئي ته منهنجي پٽ کي وزير بڻايو، هن چيو ته هر جڳهه کان ماڻهو ق ليگ ۾ شموليت ڪري رهيا آهن جنهن شخص ۾ ”مان“ اچي وڃي ناڪامي ان جو مقدر بڻجندي آهي

پي ٽي آءِ اڳواڻن جي پرواز جاري، جاويد انصاري ۽ ملڪ اڪرم به پارٽي ڇڏي ويا

پي ٽي آءِ جي اڳوڻي پنجاب اسيمبلي ميمبر جاويد اختر  تحريڪ انصاف به پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي، جاويد اختر 9مئي جي واقعن جي مذمت ڪندي پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ به واپس ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي

جاويد اختر انصاري چيو آهي ته سياسي مستقبل جو فيصلو دوستن سان مشاورت ڪندس، هن 9 مئي واقعن جي مذمت ڪندي چيو ته پاڪ فوج سان گڏ آهيون فوج اسان جو فخر آهي

جلال پور کان اڳوڻي ايم پي اي ملڪ اڪرم به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي

پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ ڊاڪٽر حيدر علي پيپلزپارٽي ۾ شامل

پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر حيدر علي پيپلزپارٽي ۾ شموليت ڪري ڇڏي

ڊاڪٽر حيدر علي سنڌ هائوس اسلام آباد  ۾ پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو

ان موقعي تي مملڪتي وزير ۽ پ پ ترجمان فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته عمران خان جلد ملڪ ڇڏي ويندو پي ٽي آءِ رڳو زمان پارڪ تائين محدود ٿي وئي آهي

هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ڪجهه ماڻهو ڊيپوٽيشن موڊ تي آهن ۽ ايندڙ مقرري جي انتظار ۾ آهن ڪجهه سليپنگ موڊ ۽ ڪجهه ايئرپلين موڊ ۾ هليا ويا آهن

ان کان اڳ پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم اين اي عثمان ترڪئي به پ پ ۾ شموليت ڪري چڪو آهي، ڊاڪٽر حيدر علي سوات مان چونڊيل ايم اين اي هو

هي به پڙهندا

ڪور ڪمانڊر هائوس: تحريڪ انصاف جي اڳوڻي ايم پي اي سميت 16 جوابدار آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي جي لاءِ فوج حوالي