اسلام آباد: 9 اپريل 2022ع تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف عدم اعتماد جي رٿ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو منظور ٿي جنهن جي نتيجي ۾ عمران خان جي حڪومت ختم ٿي، عدم اعتماد جي رٿ تي ووٽنگ واري ڏينهن پي ٽي آءِ پاران قومي اسيمبلي ۾ اجتماعي استعيفائن جو اعلان ڪيو ويو، جن کي 15 اپريل تي قائم مقام اسپيڪر قاسم سوري منطور ڪري ڇڏيو هو، 16 اپريل تي استعيفائن جي منظوري  اسپيڪر راجا  پرويز اشرف واپس ورتي هئي، جنهن کانپوءِ 28 جولاءِ تي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ڊاڪٽر شيرين مزاري سميت 11 پي ٽي آءِ ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪيون هيون.