پي ٽي آءِ جي ٽن سالن ۾ پيٽروليم شعبي جي گردشي قرضن ۾ 50 سيڪڙو واڌ

0
236

اسلام آباد:توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي گذريل ٽن سالن دوران پيٽروليم شعبي جي گردشي قرضن ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.

توانائي واري وزير حماد اظهر قومي اسيمبلي کي سوالن جي وقفي دوران ٻڌايو ته پيٽروليم شعبي جو گردشي قرض ٽن سالن ۾ تقريبن 50 سيڪڙو وڌي ويو آهي، جون 2018 ۾ گردشي قرض 0.7 ٽريلين رپين کان وڌي مئي 2021 ۾ 1.1 ٽريلين رپيا ٿي ويو آهي.

پيٽروليم شعبي ۾ گردشي قرضن ۾ واڌ جو سبب بيان ڪندي اظھر چيو ته ، ”اسان کي ٻڌايو ويو آھي ته گئس جي شعبي جي رسدي تسلسل ۾ دير سان وصوليون واڌ جو بنيادي سبب آھن، ان سان گڏ سرڪاري ادارن جي خراب مالي حالت پڻ قرض وڌڻ جو سبب آهي.

حماد اظهر وڌيڪ چيو ته پيٽروليم ڪمپنين تي مشتمل هڪ ورڪنگ گروپ ٺاهيو ويو آهي ته جيئن پيٽروليم شعبي جي گردشي قرضن کي حل ڪري سگهجي.