اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عمران جي اسيمبلي ۾ واپسي جو جواب،  اسپيڪر قومي اسيمبلي راجا پرويز اشرف تحريڪ انصاف جي وڌيڪ 35 قومي اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪري ڇڏيون، اسپيڪر پاران 35 استعيفائن جي منظوري کان پوءِ اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي 35 قومي اسيمبلي ميمبرن جي رڪنيت ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو ، عمران خان پاران سمورين تڪن تي پاڻ چونڊ وڙهڻ جو فيصلو، تفصيل موجب اليڪشن ڪميشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد ناصر خان جي صحيح سان ڪالهه شام دير سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران 17 جنوري تي استعيفائون منظور ڪرڻ سبب هيٺ ڏنل 35 ميمبرن جي رڪنيت ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪجي ٿو جيڪو فوري لاڳو تصور ڪيو ويندو، اليڪشن ڪميشن پاران جن پي ٽي آءِ جي ميمبرن جي رڪنيت ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي انهن ۾ اين اي 4 سوات مان چونڊيل اڳوڻو وفاقي وزير مراد سعيد، اين اي 17 هري پور مان چونڊيل عمر ايوب خان، اين اي 18 صوابي مان چونڊيل اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر، اين اي 25 نوشهره تان چونڊيل اڳوڻو وفاقي وزير پرويز خٽڪ، اين اي 26 نوشهره 2 تان چونڊيل عمران خٽڪ، اين اي 32 ڪوهاٽ مان چونڊيل اڳوڻو وفاقي وزير شهريار آفريدي، اين اي 38 ڊيرا اسماعيل خان تان چونڊيل اڳوڻو وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، اين اي 43 خيبر ايجنسي تان چونڊيل اڳوڻو وفاقي وزير نور الحق قادري، اين اي 52 اسلام آباد مان چونڊيل راجا خرم شهزاد، اين اي 53 اسلام آباد 2 تان چونڊيل علي نواز اعواڻ، اين اي 54 اسلام آباد 3 تان چونڊيل اڳوڻو وفاقي وزير اسد عمر، اين اي 57 راولپنڊي هڪ تان چونڊيل صداقت علي خان، اين اي 59 راولپنڊي 3 تان چونڊيل غلام سرور خان، اين اي 60 راولپنڊي 4 تان چونڊيل شيخ راشد شفيق، اين اي 62 راولپنڊي 6 تان چونڊيل عوامي مسلم ليگ جي سربراهه اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، اين اي 63 راولپنڊي 7 تان چونڊيل منصور حيات خان،  اين اي 67 جهلم 2 تان چونڊيل اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري، اين اي 97 بکر هڪ تان چونڊيل ثناءُ الله خان مستي خيل، اين اي 126 لاهور 4 تان چونڊيل اڳوڻو وفاقي وزير حماد اظهر، اين اي 130 لاهور 8 تان چونڊيل اڳوڻو وفاقي وزير شفقت محمود، اين اي 155 ملتان 2 تان چونڊيل پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيف وهپ عامر ڏوگر، اين اي 156 ملتان 3 تان چونڊيل اڳوڻو وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، اين اي 191 ڊي جي خان 3 تان چونڊيل اڳوڻي وفاقي وزير زرتاج گل، اين اي 241 ڪورنگي ڪراچي 3 تان چونڊيل فهيم خان، اين اي 242 ڪراچي ايسٽ هڪ تان چونڊيل سيف الرحمان، اين اي 243 ڪراچي ايسٽ 2 تان چونڊيل محمد عالمگير خان، اين اي 244 ڪراچي ايسٽ 3 تان چونڊيل اڳوڻو وفاقي وزير علي زيدي، اين اي 247 ڪراچي ڏکڻ 2 تان چونڊيل آفتاب صديقي، اين اي 250 ڪراچي ويسٽ تان چونڊيل عطاءُ الله، اين اي 252 ڪراچي ويسٽ 5 تان چونڊيل آفتاب جهانگير، اين اي 254 ڪراچي سينٽرل 2 تان چونڊيل محمد اسلم خان، اين اي 256 ڪراچي سينٽرل 4 تان چونڊيل نجيب هارون، اين اي 265 ڪوئيٽا 2 تان چونڊيل اڳوڻو ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جڏهن ته پنجاب صوبي مان مخصوص سيٽن تي چونڊيل عاليمه حمزه ملڪ ۽ ڪنول شوزب شامل آهن. اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن مطابق انهن ميمبرن جي رڪنيت ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن پرنٽ ڪارپوريشن پاڪستان کي گزيٽ پاڪستان ۾ شايع ڪرڻ لاءِ به اماڻيو ويو آهي. هوڏانهن پي ڊي ايم پاران پي ٽي آءِ جي خالي ٿيل 35 سيٽن تي ضمني چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جو پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين سان رابطا ڪري مشاورت ڪئي وئي، مشاورت بعد فيصلو ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ جي خالي ٿيل سيٽن تي ضمني چونڊن ۾ حصو نه ورتو ويندو، مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پي ٽي آءِ ميمبرن جون جيڪي استعيفائون منظور ٿيون آهن انهن تڪن تي پي ڊي ايم ضمني چونڊن ۾ حصو نه وٺندي. ٻئي طرف تحريڪ انصاف خالي ٿيل سيٽن بابت اهم فيصلو ڪري ورتو آهي، ان حوالي سان فواد چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ سمورين سيٽن تي چونڊ وڙهندي، عمران خان سمورين 33 سيٽن تي پاڻ اميدوار هوندو، اسد عمر چيو آهي ته اسيمبلي ۾ واپسي جي اعلان تي حڪومت گهٻرائجي وئي آهي، عمران خان سمورين 35 تڪن تي ضمني چونڊ وڙهندو ۽ کٽندو، باقي ميمبر به قومي اسيمبلي ۾ واپس ايندا.