اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسپيڪر قومي اسيمبلي راجا پرويز اشرف پاران پي ٽي آءِ جي 11 قومي اسيمبلي ميمبرن جي منظور ٿيل استعيفائن بعد اليڪشن ڪميشن 9 سيٽن تي ضمني چونڊ ڪرائڻ لاءِ چونڊ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو، جاري ڪيل چونڊ شيڊول مطابق اليڪشن ڪميشن اين اي 22 مردان، اين اي 24 چارسده، اين اي 31 پشاور، اين اي 45 ڪرم ايجنسي، اين اي 108 فيصل آباد، اين اي 118 ننڪاڻه صاحب، اين اي 237 ملير، اين اي 239 ڪورنگي، اين اي 246 ڏکڻ ڪراچي جي خالي ٿيل قومي اسيمبلي جي سيٽن تي ضمني چونڊ لاءِ شيڊول جاري ڪيو آهي، جنهن مطابق 10 آگسٽ کان 13 آگسٽ تائين نامزدگي فارم ڀرائي سگهبا، ضمني چونڊ 25 سيپٽمبر 2022ع تي ٿيندي، ياد رهي ته اسپيڪر قومي اسيمبلي پي ٽي آءِ جي 11 قومي اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪيون هيون، جن مان 2 مخصوص سيٽن تي ميمبر چونڊيل هئا، ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي باقي خالي ٿيل 9 سيٽن تي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پاڻ بيهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هوڏانهن اليڪشن ڪميشن پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 209 خانيوال جيڪا فيصل خان نيازي جي استعيفا سبب سيٽ خالي ٿي آهي ان تي به اليڪشن ڪميشن چونڊ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، ان تڪ تي 2 آڪٽوبر تي ضمني چونڊ ٿيندي.